ڪراچي

سول سوسائٽي فورم پاران مڪاني نظام خلاف 20 آڪٽوبر تي بک ھڙتال جو اعلان

Protest against new local govt systemڪراچي: سنڌ جي سول سوسائٽي فورم پاران نئين مڪاني نظام خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاھران 20ھين آڪٽوبر2012 تي سڄاڻ سنڌين جي گڏيل بک ھڙتال ڪرڻ جوفيصلو ڪيوويو آھي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي ته سنڌين جي گڏيل بک ھڙتال ۾ اديب، دانشور، شاعر، فنڪار، سماجي ڪارڪن، سنڌي شاگرد ۽ ڪراچي ۾ آباد سنڌي ڪٽنب شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بک ھڙتالي ڪئمپ لاءِ سنڌ جي سمورن سياسي اڳواڻن کي ڪئمپ جي دوري جي دعوت ڏني ويندي. اجلاس ۾ اھو به فيصلو ڪيو ويو ته سول سوسائٽٰي جا نمائندا مڪاني ادارن خلاف ٿيندڙ مختلف پارٽين جي احتجاجي ريلين ۾ پڻ شرڪت ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button