سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران ٻاويهه آڪٽوبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ رٿيل جلسي جي ڪاميابي لاءِ ڪوششون جاري
رپورٽ : فهيم ڀٽي, ٽنڊو محمد خان
سنڌ ۾ ٻٽي مڪاني نظام خلاف سنڌ بچايو ڪاميٽي پاران ٻاويهه آڪٽوبر تي ٽنڊو محمد خان ۾ رٿيل جلسي جي ڪاميابي لاءِ سنڌ بچايو ڪميٽي جي قائمقام ڪنوينر سيد شاهه محمد شاهه، ڊاڪٽر دودو مهيري، پير خليل جان سرهندي ، مير امان الله ٽالپر، ڊاڪٽر احمد نوناري، قمر راجپر تي مشتمل ڪاميٽي جلسي واري هنڌ مير غلام علي پارڪ جو دورو ڪيو ۽ اتحاد ۾ شامل مختلف پارٽين جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن بعد ايس يو پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد شاهه محمد شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ جون سڀئي پارٽيون هڪ پاسي آهن صرف ٻه جماعتون پ پ ۽ ايم ڪيو ايم هڪ پاسي آهن، جيڪي سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ واري بين القوامي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، جيڪا سنڌ دشمني آهي، هن چيو ته پ پ جو پندرنهن آڪٽوبر وارو جلسو بري طرح ناڪام ٿيو آهي ان کان ڏهه دفعا ترقي پسند پارٽي جو يوم مادر وطن جلسو وڏو ٿيو هو، هن چيو ته حيدرآباد ڊوولپمينٽ اٿارٽي کان پنجويهه لکن سميت سنڌ جي هر ٽي ايم اوز کان پنج پنج لک روپيه وٺي سرڪاري ملازمن کي زبردستي جلسي ۾ آڻي شو شو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سنڌ جي غيرتمند حلالي پٽن جلسي ۾ شريڪ نه ٿي قومي غيرت جو ثبوت ڏنو آهي ، هن پ پ جي ايم اين اي سيد ظفر علي شاهه کي سلام پيش ڪندي چيو ته هو حڪمران ڌر جو واحد ايم اين اي آهي جنهن قومي اسيمبلي جي فلور تي ٻٽي نظام خلاف آواز اٿاريو آهي پر خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ قومپرستن کي ملڪ ٽوڙيندڙ سڏيو آهي ۽ چودري نثار قومپرستن سان اتحاد کي خوش آئنده قرار ڏنو آهي جيڪا مثبت تبديلي آهي هن چيو ته خورشيد شاهه سنڌ ۾ هڪڙي ٻولي ته پنجاب ۾ ٻي ٻولي ڳالهائيندو آهي ، هن چيو ته توا ٽنگڻ ٽماٽا ۽ بيضا هڻڻ سنڌي ماڻهن جو رد عمل آهي ۽ سنڌ جي غدارن سان جيڪو تاريخ ۾ حشر ٿيو آهي نام نهاد حڪمران اهو ڪنهن به صورت ۾ نه وسارين ته هو به غدارن جي لسٽ ۾ شامل آهن هن چيو ته حڪمرانن سان ڳالهايون صرف ان شرط تي ٿي سگهن ٿيون ته سڀ کان پهرين هو آرڊينينس واپس وٺن جنهن بعد ئي اڳتي ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ان کانسواءِ حڪمرانن سان ڳالهائڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي، هن چيو ته اڄ موجوده زرداري ليگ ارڙنهن آڪٽوبر جي شهيدن جي روحن کي رنجايو آهي ۽ بينظير جي قاتل پرويز الاهي سان گڏ ويٺل آهن.هن چيو ته پ پ سرڪاري پئسو خرچ ڪري پنهنجي اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سرڪاري خزاني کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي هن دعوى ڪئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ سؤ سيڪڙو قومپرست کٽيندا هاڻي اٺاسي ، نوي ۽ ڇانوي وارو دؤر ختم ٿي چڪو آهي سنڌ ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن ڌرتي ماءُ جو سودو ڪندڙن کي ڪڏهن به ويجهو اچڻ نه ڏيندا. ان موقعي تي ايس يو پي جو ضلعي صدر بشير شاهه، ايس ٽي پي جو ضلعي صدر رضا محمد خاصخيلي، پڻ موجود هئا. سنڌ بچايو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد شاهه محمد شاهه فنڪشنل ليگ اڳواڻ مير عنايت ٽالپر سان سندس رهائشگاهه تي وڃي ملاقات ڪئي.