سکر
سنڌ ڌرتيءَ جو سودو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا سين، پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)
بيورورپورٽ،سکر
پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) ضلع سکر ۽ سٽيءَ پاران سکر پريس ڪلب اڳيان سنڌ جي ورهاڱي خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جنهن جي اڳواڻي ضلع سکر جي صدر نيڪ محمد ڪورائي سکر سٽيءَ جي صدر رياست علي، سراج ميراڻي، گلشن ملڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي سنڌ ڌرتيءَ جو سودو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا سين جيڪڏهن حڪمران پنهنجي هوڏتان نه لٿا ته انهن جو حشر سنڌ جو عوام ۽ پي پي (شهيد ڀٽو) جا اڳواڻ برو ڪندا سنڌ جو عوام سنڌ جو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي جيڪو هي سنڌ ڌرتيءَ ڏانهن ميري اک سان ڏسندو ته ان جون اکيون ڪڍيون وينديون.