آرٽيڪل

سنڌ جي نوجوانن لاءِ ٻاهرين ملڪ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا

ليکڪ : محمود اقبال قاضي.
Jobs سنڌ اها ڌرتي آهي جيڪا هر هر طرح سان مالامال آهي ڪٿي تيل جا ذخيرا نڪري رهيا آهن ته ڪٿي وري ڪوئلي جا ذخيرا پراها سنڌ جي بدقسمتي آهي جو اتي جي نوجوانن کي بهترين تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا تمام گهٽ ملي رهيا آهن خاص طور تي سنڌي نوجوانن کي سنڌ جي وڏن شهرن ۾رهائش ۽ تعليم حاصل ڪرڻ نٿي ڏني وڃي. سنڌ جي نوجوانن جي باري ۾ اڳوڻي صدرپرويز مشرف بار بار چوندو رهندو هو ته سنڌي نوجوانن ۾ قابليت ناهي جنهن ڪري ئي فوج ۾ سنڌي گهٽ آهن پر فوج کان علاوه به چوندو رهندو هو ته سنڌين ۾ قابليت ناهي پر انهن جي ئي حڪومت ۾ حفيظ شيخ ۽ محمد ميان سومرو جهڙا قابل وزير به هئا جيڪي سنڌي آهن جن مان حفيظ شيخ هن موجوده حۡڪومت ۾ به ناڻي وارو وزير آهي ان لاءِ پرويز مشرف اهو ڪڏهن به نه چيو ته هي قابل ماڻهو آهي. پرويز مشرف جو اهو رويو ڏسي سنڌي فوج ۾ ايتري گهڻي تعداد ۾ ويا جو نيٺ پرويز مشرف کي اهو چوڻو پيو ته سنڌي قابل آهن. اهڙي طرح راندين ۾ به سنڌين کي موقعا نه ملي رهيا آهن جنهن لاء چيو ٿو وڃي ته ڪرڪيٽ راند ۾ سنڌي هوشيار نه آهن پرتنهن هوندي به سنڌي نوجوانن همت نه هاري اڄ سعودي عرب ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به سنڌي ڳالهائيندڙ آهي _ اهڙي طرح تعليم جي حوالي سان سنڌي نوجوانن کي پنهنجي قابليت وڌيڪ ڏيکارڻ گهرجي جنهن ۾ چائنا ملڪ قابل قدر آهي اتي جي يونيورسٽين ۾ سنڌي نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون ڪافي تعداد ۾ وڃي رهيون آهن انهن يونيورسٽين ۾ yangtze university, city, jingzhou, province hubei شامل آهن جن ۾ سنڌي نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي Syan cansullant ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا آهن جيڪي چائنا اسپين، ترڪي آئرلينڊ، مليشيا ۾ داخلا ڏيارين ٿا جنهن کي ٽوئفل يا ielts به ڪو نه ڏيڻو پوي ٿو ملطب ته ترقي جا رستا کليل آهن صرف همٿ ۽ جذبي جي ضرورت آهي. اڄ ڪلهه سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڊرائيور وغيره جي دبئي ۾ ضرورت آهي تنهن لاءِ ڪراچي اچي ڪمپنينن ۾ انٽرويو ڏئي ڪاميابي ماڻڻ لاءِ همت ڪرڻ گهرجي _ خالي سرڪاري نوڪرين جي چڪر ۾ پنهنجو وقت برباد نه ڪرڻ گهرجي جو ان جو موقعو به گهٽ موجود آهي ضرورت آهي ته نوجوان ڪراچي اچي ننڍو وڏو ڪم ڳولهي پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪن _ دنيا تمام گهڻي وڏي آهي خوش قسمتي ڪنهن هڪ طبقي لاءِ مقرر ناهي _ الله سائين سڀني جا ڪم ٺاهي ٿو _ همت ڪري رستو ڳولڻو پوندو. سفر وسليه ظفر آهي _ سنڌي نوجوانو دنيا ۾ نڪري پئو ڪاميابي توهان جا قدم چمندي. سڄي دنيا محنتي انسانن جو قدر ڪري ٿي . اتي سرڪاري توڙي خانگي ادارن جي فيءَ به مناسب آهي جيڪا عام ماڻهو جي پهچ ۾ آهي ان لاءِ حضورصلعم جن به فرمايو آهي ته تعليم حاصل ڪريو ان لاءِ توهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي ان ڪري اسان جي سنڌ جي نوجوانن کي گهرجي ته وڌ کان وڌ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم حاصل ڪن ته جيئن اسان جي سنڌ صوبي۽ پاڪستان ملڪ جو نالو وڌيڪ روشن ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button