سکر

سنڌ جو عوام سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ٿيڻ نه ڏيندو: سنڌ ترقي پسند پارٽي

STP protestingسکر(بيورورپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سکر پاران سنڌ مان ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ مڪاني ادارن واري آرڊيننس کي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرائڻ خلاف سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري روڊ بند ڪيو ويو احتجاجي مظاهري جي اڳواڻن وحيد کوسو، عرفان کوسو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا احتجاجي ريليءَ کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حڪومت سڃي سنڌ مان بي گناهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ پر امن احتجاج کي حڪومت پر تشدد بڻائي رهي آهي هنن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ٿيڻ نه ڏيندو جڏهن ته عوام ان نظام کي رد ڪري چڪو آهي ته حڪومت ان نظام کي عوام مٿان زوريءَ لاڳو ڪري رهي آهي پيپلز پارٽيءَ سنڌي عوام سان غداري ڪئي آهي ۽ سنڌ کي ان نظام وسيلي تقسيم ڪيو آهي پر سنڌ جو عوام ان نظام خلاف ان وقت تائين جدو جهد جاري رکندي جيستائين ان نظام کي واپس نه ورتو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button