مختصر خبرون

سنڌي ادبي سنگت شاعره مريم مجيدي کي ايوارڊ نه وٺڻ واري عمل کي واکاڻيو

حيدرآباد : سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽريز مشتاق بخاري، مهرالنساءِ لاڙڪ، خزانچي نبي بخش ناز، آڊيٽر بشير منگي، پريس ترجمان زاهد راڄپر پنهنجي بيان ۾ پ پ حڪومت پاران مڪاني نظام آرڊيننس منظور ٿيڻ خلاف ارڏي شاعره مريم مجيدي پاران پنهنجي والد محمد خان مجيدي کي مليل ستاره امتياز ايوارڊ نه وٺڻ واري عمل کي ساراهيندي سنڌ جي سمورن عالمن، اديبن، قلم ڪارن کي اپيل ڪئي آهي ته هن ڪڌي عمل خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي سمورين سرڪاري مراعتن کي ٿڏي نه صرف مليل تمغا واپس ڪن پر بل جي منظوري جي حمايت ڪندڙ ميمبرن سان مڪمل طور سماجي بائيڪاٽ جو اعلان ڪن. ساڳئي بيان ۾ سنگت جي عهديدارن سنڌ جي سمورن قلم ڪارن کي 6 آڪٽوبر ڇنڇر ڏينهن 2 وڳي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مرڪزي احتجاج سان گڏ مختلف ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ٿيندڙ احتجاجن ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button