رستا ۽ پليون ترقيءَ جو اهڃاڻ هونديون آهن، قائم علي شاھ
سکر: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته رستا ۽ پليون ترقيءَ جو اهڃاڻ هونديون آهن ۽ هن پل ذريعي ماڻهن کي اچ وڃ ۽ ٽريفڪ جي سهولت مهيا ٿيندي. هن سلسلي ۾ سنڌ حڪومت گذريل چئن سالن دوران پوري سنڌ صوبي ۾ پڪن رستن جو ڄار وڇاري ڇڏيو آهي. هن اهڙو اظهار روهڙي ڪئنال ۽ ميرواهه ڪينال تي ٺيڙهي شهر لڳ نئين تعمير ٿيل پلن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت تائين چار هزار ڪلو ميٽر روڊ پوري سنڌ ۾ ٺهرايا ويا آهن جڏهن ته مارچ 2013 تائين 800 ڪلو ميٽر روڊن جي تعمير ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته نئين تعمير ٿيندڙ جي ايم ايم سي اسپتال خيرپور تي هڪ سو ڪروڙ روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه انجنيئرنگ ڪاليج پڻ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ميڊيڪل ڪاليج، ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ايگريڪلچر ڪاليج پڻ تعمير ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته هن حڪومت ماڻهن لاءِ گهر ٺاهي ڏيڻ جو تاريخي ڪم ڪيو آهي هن سلسلي ۾ ڪشمور ۾ گهر ٺاهي چڪا آهيون هن وڌيڪ چيو ته لقمان ۾ غريب ۽ مسڪين ماڻهن جن کي گهر ناهي انهن لاءِ 1500 پلاٽ ٺاهي رهيا آهيون ۽ هر هڪ گهر 120 گز تي مشتمل هوندو. جڏهن ته اسان جي حڪومت هڪ لک ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن ۽ ايتري تعداد ۾ مختلف شعبن ۾ ماڻهن کي ٽريننگ ڏيئي رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير حڪومت طرفان سنڌ جي ماڻهن لاءِ خدمتن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان محدود وسيلن ۾ سنڌ جي عوام کي حق ڏياريا آهن ۽ اسان جي پوري ڪوشش آهي ته کين جائز حق ملن. ان کان اڳ ۾ چيف انجنيئر هاءِ ويز سکر وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روهڙي ڪينال تي پل 6 ڪروڙ 23 لکن روپين جي لاڳت سان ۽ ميرواهه ڪينال تي هڪ ڪروڙ 37 لک روپيا خرچ ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايپروچ روڊن تي 3 ڪروڙ 28 لک خرچ ڪيا ويا آهن. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير پي پي ايڇ آءِ طرفان ريڊ ڪريسينٽ هاسپيٽل خيرپور ۾ پي پي ايڇ آءِ طرفان اکين جي هاسپيٽل جو افتتاح ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير ميرواهه تي خيرپور شهر ۾ خاڪي شاهه پل جو پڻ افتتاح ڪيو هيءَ پل 40 ملين روپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي ويئي آهي بعد ۾ وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ ماڻهن سان ملاقاتيون ڪيون ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون وڏي وزير سان گڏ ڪمشنر سکر ڊويزن مسٽر محمد عباس بلوچ ۽ ٻيا واسطيدار آفيسر ساڻس گڏ هئا.