مختصر خبرون
خيرپور ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ متحده محاذ ۽ فنڪشنل مسلم ليگ طرفان گڏيل طور تي ريلي
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ متحده محاذ ۽ فنڪشنل مسلم ليگ طرفان گڏيل طور تي حڪومت پاران لاڳو ڪيل نئين مڪاني آرڊيننس خلاف مريم توپ کان پنجگولا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي اڪبر مڪول، فياض خميساڻي، ديدار عالماڻي، اعجاز ڦلپوٽو، صادق سومرو۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هن احتجاجي ريلي ۾ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جو وڏو انگ پڻ شامل هو. ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ احتجاجي بينرس ۽ پلي ڪارڊ هئا جن موجوده حڪومت پاران لاڳو ڪيل نئين مڪاني آرڊيننس خلاف سخت نعري بازي ڪئي. اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي ماءُ آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسون تنهنڪري سنڌي قوم متحد ٿئي سنڌ اسان جي ڌرتي آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي.