خيرپور

حڪومت نئين مڪاني آرڊيننس وارو بل پاس ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي، سيد غوث علي شاهه

Sayed Ghous Ali Shah
سيد غوث علي شاھ ميڊيا سان ڳالھائيندي
خيرپور(ڊر) مسلم ليگ (ن) سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين مڪاني آرڊيننس وارو بل پاس ڪري سنڌ جي ورهاڱي جو بنياد وجهي ڇڏيو آهي نئون مڪاني آرڊيننس سنڌ سان وڏي زيادتي ۽ ملڪ کي تباهي ڏانهن ڌڪڻ وارو رستو آهي تنهنڪري مسلم ليگ (ن) جي قيادت فيصلو ڪري ورتو آهي ته مسلم ليگ (ن) جيڪڏهن اقتدار ۾ آئي ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت پاران لاڳو ڪيل نئون مڪاني آرڊيننس کي فوري طور واپس وٺندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار غوث هائوس خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده سنڌ حڪومت پاران نئين مڪاني آرڊيننس واري بل کي پاس ڪرڻ کان پوءِ سندس اتحادي به ڇڏي ويا آهن جڏهن ته موجوده حڪومت پاران اختيار ڪيل اهڙو فيصلو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي کان ڪشمور سنڌ جي وحدت آهي جنهن به ان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي مسلم ليگ (ن) ان خلاف سخت مزاحمت ڪندي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت اهو به فيصلو ڪري ورتو آهي ته سنڌ حڪومت پاران پاس ڪيل نئين مڪاني آرڊيننس خلاف جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي آئيني درخواست داخل ڪرائيندي. هن چيو ته نئين مڪاني آرڊيننس خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي مختلف سياسي پارٽين سان گڏ زندگي جي سمورن شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن ان مڪاني آرڊيننس خلاف احتجاجن ۾ شريڪ آهي تنهنڪري مسلم ليگ (ن) به نئين مڪاني آرڊيننس خلاف ٿيندڙ احتجاجن ۾ انهن سان گڏ رهندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ تازو ٿيل برساتن کان پوءِ اندورن سنڌ ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو آهي جنهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ هن سنڌ رليف ڪميٽي جوڙي اڳوڻي ايم اين اي ماروي ميمڻ کي ان جو چيئرپرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي ان جا انگ اکر اچڻ بعد متاثرن ۾ مسلم ليگ (ن) طرفان امدادي سامان ورهايو ويندو جڏهن ته تازو ٿيل برساتن کي آڏو رکي حڪومت طرفان اڳواٽ ڪي به حفاظتي انتظام نه ورتا ويا هئا جنهن ڪري سنڌ ۾ برساتن وڏي پيماني تي تباهي آڻي ڇڏي. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) لائيرز فورم سکر ڊويزن جو صدر سيد نواز علي شاهه، مسلم ليگ (ن) ضلعي خيرپور جو صدر عبدالمجيد شيخ، سيد امداد شاهه، ليڊيز ونگ جي صدر زينت شيخ پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button