حڪمرانن پنجن سالن تائين آمريڪا جي خدمت ضرور ڪئي آهي پر عوام جي نه، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو
سکر، جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ايم ايم اي جي رهنما ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو آهي ته موجوده حڪمرانن پنجن سالن تائين آمريڪا جي خدمت ضرور ڪئي آهي پر عوام جي ڪابه خدمت نه ڪئي آهي سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام سنڌ کي تقسيم ڪرڻ جي سازش آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هڪدم رد ڪري ڇڏيو آهي پي پي حيدر آباد جي جلسي جي مقابلي ۾ سکر ۾ ٿيل جلسو 10 حصه وڏو هو اهڙن خيالن جو اظهار هن آباد لاکا سکر ۾ اسلام زنده باد ڪانفرنس جي شاندار ڪاميابيءَ تي جاکوڙيندڙ ڪارڪنن جي مان ۾ منعقد ڪيل تقريب کي کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جي صدارت مولانا عبدالقيوم هاليجوي ڪئي ان موقعي تي خالد محمود سومري وڌيڪ چيو ته عالمي سامراجي قوتون ملڪ ۽ سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن پاڪستان ۾ انهن جا ايجنٽ ان نا پاڪ مقصد لاءِ سرگرم آهن اسان جا حڪمران ملڪ ۽ قوم بدران آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي غلاميءَ ۾ لڳل آهن اهڙن حالتن ۾ جي يو آءِ ملڪ، سنڌ ۽ اسلام جي تحفظ لاءِ جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ڪراچي ۽ سکر ۾ 20 لک ماڻهن پاران اسلام زنده باد ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري استعماري قوتون جي مقابلي ۾ مولانا فضل الرحمٰن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن هاڻي اسان ايم ايم اي ٺاهي ڪري ان جدو جهد کي تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ايم ايم اي پهريون کان وڌيڪ مضبوط سياسي قوت بڻجي ڪري اڀرندي جيڪي مذهبي جماعتون ايم ايم اي کان ٻاهر آهن اهي بي اثر ٿي ڪري رهجي ويندي هن چيو ته ملاله تي حملو گستاخانه فلم جي خلاف احتجاجي تحريڪ جي توجهه هٽائڻ ۽ وزيرستان ۾ فوجي آپريشن لاءِ حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا گستاخانه فلم ۽ ان جي سرپرستن ملڪ ۽ اسلام دشمن قوتن جي خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا هن چيو ته هڪ لادين تنظيم پنهنجي بيروني آقائون جي اشاري تي سنڌ ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي اÕهي پي پي حڪومت ان جي اڳيان بي وس ٿي چڪي آهي.