مختصر خبرون
جميعت علماءِ اسلام ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون
سکر(بيورورپورٽ) جميعت علماءِ اسلام طرفان سکر ۾ 14 آڪٽوبر تي ٿيندڙ اسلام زنده باد ڪانفرنس جي ڪاميابيءَ لاءِ جي يو آءِ ضلعي سکر طرفان امير حافظ غلام مصطفيٰ ٻرڙو جي قيادت ۾ ڪنڌرا جي مختلف ڳوٺن واهه ٻرڙا، ڪلري، ٽالپور، بخش ڪٽپر، ٽمونهن، رسول پور، آنبهه، باغ فتح علي شاهه، ابراهيم تنيو، ڪلهوڙي جاگيراڻي سميت 20 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون ڪيون ويون ۽ عوام کي ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي وئي جي يو آءِ اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته هزارن جي تعداد ۾ ڪنڌرا کان قافلو شرڪت ڪندو ڪانفرنس اسلامي انقلاب جي طرف پيش قدمي ثابت ٿيندي ٻي طرف سکر بس ٽرمينل لڳ رٿيل جلسي گاهه واري پلاٽ کي جي يو آءِ جي جهنڊن سان سينگارڻ سميت جلسي گاهه جي پلاٽ تي صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.