ڪراچي

جماعت اسلامي طرفان سگهڙگل حسن گل ملڪ جي بازيابي لاءِ جيڪب آباد ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، بدين ۽ ڪنڌ ڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرا

jcd protest ڪراچي، جماعت اسلامي طرفان هڪ مهينو اڳ تعلقي ٺل جي شهر مبارڪ پور مان اغو ۽ لاپته ٿيل اتر سنڌ جي معروف شاعر، سگهڙ سماج سڌارڪ ۽ استاد گل حسن گل ملڪ جي عدم بازيابي خلاف آچر ڏينهن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري گهر ڪئي وئي ته پوليس ۽ انتظاميا بي حسي ۽ مجرماڻي غفلت ختم ڪري کنڀيل سگهڙ گل ملڪ جي بازيابي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پڌرائي موجب ان ڏس ۾ اڄ جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، سکر، ڪراچي، ميرپورخاص، ڪنڌڪوٽ ، حيدرآباد ۽ بدين سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جن کي جماعت اسلامي جي اڳواڻن کان علاوه ٻين سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن خطاب ڪيو جنهن ۾ تنظيم اساتذه، گسٽا، سگهڙ، الخدمت فائونڊيشن شامل آهي. احتجاجي مظاهرن ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي لاپته سگهڙ گل ملڪ جي بازيابي تي ٻڌل مطالبا لکيل ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعري بازي ڪري رهيا هئا. اڳواڻن سگهڙ گل حسن ملڪ کي اغوا ۽ لاپته ٿئي هڪ مهينو گذري وڃڻ ۽ ايف آءِ آر درج ٿيڻ باوجود حڪومت ۽ انتظاميا جو تحرڪ نه وٺڻ واري عمل جي سخت مذمت ڪندي چيو ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي. عوام جي تحفظ بجاءِ اتحادي ٽولو قومي ناڻي جي ڦرمار ۽ سنڌ جي سودي بازي ۾ رڌل آهي. جيڪب آباد ۾ مقامي دفتر کان احتجاجي مظاهرو صوبائي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو. شرڪاءُ ٻن ڪلاڪن تائين قومي شاهراه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن جي ڪري سنڌ بلوچستان ڏانهن اچ وڃ وارو رستو جام ٿي ويو. بعد ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهري کي خطاب ڪندي مولانا اسدالله ڀٽو چيو ته حڪومت عوام کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي چڪي آهي، جنهن جو تازو ثبوت شريف شهري ۽ فرض شناس شخص گل ملڪ جو اغوا ۽ هڪ مهينو گذري وڃڻ باوجود عدم بازيابي آهي. جيڪي حڪمران عوام کي تحفظ نه ڏئي سگهن تن کي حڪمراني ڪرڻ جو ڪو به حق نٿو پهچي. هن وفاقي گهرو وزير توڙي سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي ته هو گل حسن ملڪ جي بازيابي لاءِ اپاءُ کڻن. مولانا ڀٽو چيف جسٽس کي پڻ اپيل ڪئي ته گل حسن ملڪ جي اغوا واري واقعي جو پاڻ مرادو نوٽس وٺي انتظاميه کي پابند بڻائي ته هو لاپته سگهڙ کي بازيابي ڪرائي پوڙهي ماءُ سميت وارثن ۾ پکڙيل بي چيني کي ختم ڪري. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ان عزم جو پڻ اظهار ڪيو ته گل حسن ملڪ جي بازيابي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ سان گڏ بازيابي تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري رهندو.مظاهري کي عبدالحفيظ بجاراڻي ۽ ديدار لاشاري پڻ خطاب ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ مقامي دفتر کان پريس ڪلب تائين هڪ احتجاجي جلوس ضلعي امير وڪيل عاشق ڌامراه جي قيادت ۾ ڪڍيو ويو. جيڪو بندرروڊ، پاڪستان چوڪ ۽ جناح باغ کان ٿيندو پريس ڪلب وٽ جلسي جي شڪل اختيار ڪري ويو. جماعت اسلامي جي مظاهري ۾ ٻين سياسي، سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ ايس يو پي جي قمرالدين شيخ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي احمد نواز بروهي، تحريڪ انصاف جي شاهد علي رند، خاڪسار تحريڪ جي غلام حيدر، جي يو پي جو مولانا روشن علي، سنڌ آبادگار بورڊ جو حاجي عبدالحميد شيخ ۽ ڪاشف شيخ شامل هئا. اڳواڻن گهر ڪئي ته سگهڙ گل ملڪ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي. بدين ۾ پريس ڪلب آڏو ٿيل احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام پ پ کي ووٽ ڏنا پر پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان غداري ڪئي آهي. مفاهمت جي نالي تي منافقت واري سياست ڪري عملي طور سنڌ کي دهشتگرد، ڀتا خور ۽ اغوا ڪارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گل حسن گل ملڪ جي اغوا ۾ ايس ايس پي شڪارپور، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ آءِ جي سنڌ جوابدار آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي گل ملڪ سميت سنڌ مان لاپته ٿيل ٻين ماڻهن جي بازيابي لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. جماعت اسلامي اڳواڻ چيو ته سڀاڻي حيدرآباد ۾ سنڌ دشمن ٽولي جو جلسو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ دوست ماڻهو شريڪ ڪونه ٿيندا. هن چيو ته جيڪي حڪمران سنڌ جي عوام کي تحفظ نٿا ڏئي سگهن تن کي ڪُرسي تي ويهڻ جو ڪو به حق ناهي. مظاهري کي ضلعي امير سيد دائود شاه ۽ فتح خان کوسو پڻ خطاب ڪيو. ڪنڌ ڪوٽ ۾ مدرسه دارلعلوم کان گهنٽا گهر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪڍيو ويو. مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي، ڇتي نعري بازي ڪئي جنهن جي ڪري سنڌ پنجاب ٽريفڪ جام ٿي وئي. احتجاجي مظاهري کي جماعت اسلامي ضلع ڪشمور جي امير حافظ نصر الله چنا، مولانا واحد بخش خلجي، لاله عبدالفتاح پٺاڻ ۽ حافظ سليم الله خطاب ڪندي چيو ته سگهڙ ۽ استاد گل حسن گل ملڪ جو اغوا سنڌ ۾ بدترين بدامني جي نشاندهي ۽ هڪ مهينو گذري وڃڻ باوجود ان جي عدم بازيابي حڪومتي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي. هوڏانهن ڪراچي ۽ سکر پريس ڪلب وٽ احتجاجي مظاهرن کي مقامي امير محمد حسين محنتي، حزب الله جکرو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button