آرٽيڪل

بدين جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم جا ڪروڙين روپيا ڪير پيا کائن؟

اسلم نهڙيو،بدين

Computer
فائل ڦوٽو
ڪراچي جو هڪ ادارو گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بدين ضلع جي مختلف سرڪاري بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪولن ۾ ڪميپوٽر جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، انهي اداري کي هر سال ڪروڙن روپيا انهي مد ۾ ملي رهيا آهن. ڪروڙين روپين جي پروجيڪٽ کي هلائڻ لاءِ ڪميونٽي ڊولپمينٽ آفيس بدين ۾ هڪ ڪمرو انهي اداري جي حوالي ڪيل آهي، جتان هي سڄي ڊسٽرڪٽ جي سرڪاري اسڪولن کي Manage ڪن ٿا. هي اهڙي طرز جو پهريون پروجيڪٽ آهي جيڪو ڪيترئي عرصي کان بدين ضلع ۾ ڪم ڪري رهيو آهي سو به سرڪاري آفيس مان ويهي. هونئن به اسان جي هن شهر ۾ پروجيڪٽن جي حوالي سان وڏيون کيپون اينديون رهنديون آهن، بدين ۾ ٻن مهينن جا پروجيڪٽ هلائيندڙن کي به الڳ آفيسون وٺندي ۽ پروجيڪٽ هلائيندي ڏٺو ويندو آهي (پر هي ڪنهن جا نوري نظر آهن يا ڪنهن سگهاري ڌُر جو کين آشير وڌا حاصل آهي جو انهن کي ايڏي وڏي پروجيڪٽ کي هلائڻ لاءِ اهيو بينيفٽ ملي رهيو آهي) ٻيون به کوڙ ساريون ڳالهيون انهي پروجيڪٽ ۾ ملنديون جيڪي ٻئي ڪنهن آرگنائزيشن/اداري ۾ نه ملنديون جيڪي هن اداري ۽ پروجيڪٽ ۾ سري عام ٿي رهيو آهن. انهي پروجيڪٽ تحت پهرين فيز ۾ صرف گورنمينٽ بوائز ۽ گرلس هاءِ اسڪولن جي ٻار کي ڇهين کان ڏهين تائين ڪمپيوٽر جي ٽرينگ شروع ڪئي وئي هئي هاڻ اهيو به ٻڌڻ ۾ آهيو آهي ته ٻئي فيز ۾ ڪجهه ميڊل اسڪول به شروع ڪيا اٿن. بلاول پارڪ جي ڀر ۾ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول آهي جنهن ۾ ٻن شفٽن ۾ پڙهائي ٿيندي آهي صبح واري شفٽ گرلس جي ۽ منجهند جو وري بوائز جي شفٽ هلندي آهي، پڙهائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڇوڪرن جا ڪلاس هلي رهيا هئا انهي دوران اسڪول ۾ ويس، انهي منجهند واري شفٽ ۾ ڇهين کان ڏهين تائين 442 کان 450 جي اندر ٻارن جي سراسري داخلا ٿيل آهي، ايترن شاگردن هُئڻ جي باوجود هن اداري/پروجيڪٽ طرفان صرف هڪ ڪمپيوٽر ٽيچر رکيل آهي. ڪمپيوٽرليب ۾ ٽوٽل 20 ڪمپيوٽر پيل هئا، جنهن مان 11 هلي رهيا آهن ۽ 9 خراب حالت ۾ بند پيل آهن، ڪمپيوٽر بند هئڻ جو سبب استاد کان پڇيو ته انهي چيو ته برسات جي ڪري گهمجي ويا آهن، برسات کي ختم ٿيندي به ٿوري گهٽ هاڻ مهينو ٿيڻ وارو آهي ۽ ايترن ڏينهين گذرڻ جي باوجود انهن ڪمپيوٽرن مان اڃان تائين صرف گهم ئي ختم نه ٿي آهي، جيڪڏهن ڪو وڏو فالٽ هجي ته پوءِ الله پيو خير ڪري. سڄي ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ ڪمپيوٽر ليب انچارج رکيل آهي سو به ڪراچي جو آهي جيڪ صرف رپئيرنگ جي حوالي سان ايندو آهي. ڪمپيوٽرن کي هلائڻ لاءِ پاور ڪيمبلس ٽيبلن جي هيٺيان لاوارث حالت ۾ ايڪسٽينشن/سوئچ بورڊن ۾ لڳل نظر آيا، جيڪي ڪنهن به وقت ڪنهن حادثي جو سبب بڻجهي سگهي ٿو، ڪمپيوٽر لاءِ توهان کي ڪا به پراپر بجلي فٽينگ ٿيل نظر ڪونه ايندي صرف جُڳاڙ ٿيل نظر ايندو. انهي ڪمپيوٽر ليب ۾ ٽي ڇت جا پکا لڳل هئا جيڪي تمام سلو هلي رهيا هئا ڪمري جي حساب سان نه هئڻ جي برابر هئا. ڪمپيوٽر ليب ۾ موجود شاگرد کان پڇيو ته توهان کي ڪمپيوٽر هلڻ لاءِ ڪيترو ٽائيم ملي ٿو؟ جنهن تي ڪيترن ئي شاگردن جو چوڻ هو ته اسان کي پريڪٽيڪل لاءِ ٽائيم گهٽ ٿو ملي انهي لاءِ جو ڪمپيوٽر ٿورا آهن ۽ ڪي خراب به رهن ٿا، ٻيو ته شاگرد تمام گهڻا آهن. ڪلاس ۾ موجود استاد محنتي ٿي لڳو، پر انهي کي به هڪ شڪايت هُئي ته محنت جي باوجود پگهار گهٽ آهي. هي هاءِ اسڪول منهنجي گهر واري روڊ تي هو جيڪو مون آساني سان وزٽ ڪري ورتو، جنهن اسڪول ۾ ٻين شفٽ ۾ ڪلاس هلندا هُجن انهي اسڪول ۾ ڪمپيوٽر ليب به ٻه هئڻ گهرجن، صبح واري شفٽ ۾ ڇوڪرين جو تعداد انهن ٻارن کان وڌيڪ آهي پوءِ به هڪ ئي ليب جيڪا ڇوڪريون صبح جو استعمال ڪن ۽ ڇوڪرا وري منجهند جو تنهن ۾ به 9 ڪمپيوٽر خراب هجن، اهيو حال آهي ضلع هيڊڪواٽر جي هڪ سٽي هاءِ اسڪول جو! انهي حساب سان جيڪڏهن پوري ضلع جا اسڪول ايمانداري سان وزٽ ڪجهن ته توهان کي ليکا لٿل ملندا. هن اداري بي روزگاري کي نظر ۾ رکندي ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جو هڪ نرالو انداز اپنايو آهي، مطلب ته گهٽ کان گهٽ پگهار وٺندڙ استاد کي ترجيع جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويندو آهي، انهي لاءِ انهي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به استاد جي پگهارتوهان کي برابر ڪونه ملندي، ائين ئي في ميل ٽيچر لاءِ به هڪ عجيب ڪرائٽ ايريا رکيل آهي، هوشيار چاهي ڪيڏي به ڇونه هجي جيڪڏهن اُها لُڪ ۾سٺي نه لڳي ته ڪتئي ڪونه ڀرتي ڪئي ويندي آهي. انهي پروجيڪٽ ۾ خبرناهي ته ڪيترا استاد آيا ۽ ويا هنن وٽ سدائين توهان کي انٽرويو جو سلسلو جاري ساري ملندو، هن اداري مان جيڪي به نوڪري ڇڏين ٿا انهي جو جواز صرف ٿوري پگهار ۽ ڪم گهڻو آهي. هڪ عجيب ڳالهه اهيا به آهي انهي سڄي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙن کي پگهار به ڪيش ۾ ڏني ويندي آهي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي انهي لاءِ ته ادارن/پروجيڪٽن ۾ هميشه ملازمن کي پگهار چيڪ جي صورت ۾ ڏني ويندي آهي، انهي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڇڏي ويندڙ هڪ استاد جي بقول ته مون مختلف پروجيڪٽن ۾ ڪم ڪيو آهي چاهي اهي ٻن مهينن جا ڇو نه هجن انهي جي پگهار به اسان کي چيڪ جي صورت ۾ ٿيندي هئي هي ڪهڙي قسم جو پروجيڪٽ ۽ اڌارو آهي جو پنهنجن ملازمن کي ڪيس پگهار ٿو ڏي، انهي لاءِ توهان کي انهي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ۽ نوڪري ڇڏيندڙ اڪثر ڪري اهو به چوندا آهن ته اسان جي پگهار مٿان کان ٻي ڪا مقرر ڪيل آهي پر اسان کي ملي گهٽ ٿي، باقي حصن پتن ۾ ورائي پاڻ کڻن ٿا. هنن وٽ توهان کي مانيٽرينگ جو هڪ نرالو انداز ملندو هي پروجيڪٽ ڊسٽرڪٽ وائز آهي ته گهٽ ۾ گهٽ تعلقي تي هڪ مانيٽرينگ سوپروائيز هئڻ گهرجي پر انهن وٽ صرف هڪ انهي ڪم جو ماڻهو رکيل آهي، باقي ونگار به پروجيڪٽ ڪوآرڊينٽر ۽ هاءِ اسڪولن جا هيڊ ماستر ويهن ٿا، انهي لاءِ پروجيڪٽ ڪوآرڊينٽر آفيس پهچڻ شرط سڀني هاءِ اسڪول جي هيڊماسترن کي فون ڪري پڇا ڪندو آهي ته اسان جو استاد اچي ٿو يا نه؟ ٻيو سندن مقرر ڪيل استادن کان وري ايس ايم ايس ڪري ڪنفرم ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسڪول جو هيڊ ماستر انهي پروجيڪٽ ڪوآرڊينٽر جي ونگار ويهي سگهي ٿو ته انهي ڪمپيوٽر ٽيچر کي به ٿورو گهڻو رليف ضرور ڏيندو هوندو. توهان ئي ٻڌايو جتي مانيٽرينگ فونن ۽ ايس ايم ايس ٿيندي هُجي اتي پڙهائي جو ڪهڙو حشر هوندو. هنن سرڪاري اسڪول ۾ صرف انهن غريبن جا ٻارپڙهن ٿا جنهن جي مائيٽن جي سندن اولاد کي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ جي سگهه ڪونهي، انهن بي پهچ ۽ مسڪينن ماڻهن جي ٻارن سان جيڪو حشر انهن سرڪاري اسڪولن ۾ ٿي رهيو آهي سو به ڪنهن کان لڪيو ڇپيو ڪونهي، مٿان وري بدين جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم جا ڪروڙين روپيا ڪرپشن جي نظر ٿي رهيا آهن. آئون اعلي اختيارن ۽ ٻارن جي حقن تي ڪم ڪندڙ ادارن کي اپيل ٿو ڪريان ته خدار غريب جي اولاد سان ٿيندڙ انهي ظلم ۽ لاپرواهي جو نوٽيس وٺو هونئن به هي غريب ٻين به ڪيترين ئي زيادتين جو شڪار آهن پر گهٽ ۾ گهٽ تعليم جهڙي زيور کان ته انهن کي محروم نه ڪريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button