مختصر خبرون

استاد مرحوم وزير علي سنڌ جي سومرا تاريخ کي هاڃيڪار ڌڪ لڳو آهي، اسدالله سومرو

بيورورپورٽ،سکر
دانشور اديب اسدالله سومرو چيو آهي ته هوازنيه القريشي قوم جي همت بڻيل تاريخي حوالي سان ٻڌايو ته سنڌ جو دانشور مورخ تاريخ دان ۽ ناول نگار استاد مرحوم وزير علي جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جيڪو سنڌ جي سومرا تاريخ کي هاڃيڪار ڌڪ لڳو آهي تنهن جو پورائو هڪ صدر گذرڻ جي محنت کان سواءِ ٿي نه سگهندو هن چيو ته اهڙيون شخصيتون سالن کانپوءِ پيدا ٿينديون آهن جنهن جي پنهنجي قوم جي لاءِ تاريخ نسبت سان سومرا قوم تي 5 ڪتاب لکيا ۽ ثابت ڪيو ته سومرا قوم عربن جي سن 92 هجريءَ مطابق 712 ۾ هڪ ملڪ سنڌ جي اندر قائم ڪيل شام جي بنو اميه عرب حڪومت جي هجازي عربي نسل مسلم قوم بني سمرا هوازنيه القريشي سنڌ جي عظيم سپهه سالار بازي محمد بن قاسم جي بلڪل صحيح طور تي جان نشين ثابت ٿي هن چيو ته مرحوم جي زباني چوڻ مطابق ته مونکي هتان جا سومرا نه پر روپا ماڙيءَ جا غيور ۽ غيرت مند سومرا پاڻ هي ڳولهي لهندا اوچتو چڪ شهر ۾ نارا لڳندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button