حيدر آباد

ٽيڪنيڪل ادارن جو ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، صادق علي ميمڻ

Sadiq Ali Memonحيدرآباد : صوبائي وزير سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي ( اسٽيوٽا) صادق علي ميمڻ چيو آهي ته گورنمينٽ ٽيڪنيڪل ڪاليج وحدت ڪالوني کي ٽڪينيڪل يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪيو پيون وڃن ۽ گڏوگڏ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ادارن جو ٻين يونيورسٽين سان الحاق ڪرڻ لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن انهن ادارن مان ڊپلوما حاصل ڪرڻ وارن شاگردن کي به ٻين انجينئرنگ يونيورسٽِين مان ڊگري حاصل ڪرڻ وارن شاگردن جهڙو درجو حاصل ٿي سگهي جڏهن ته سنڌ ۾ نوان ٽيڪنيڪل ادرا قائم ڪرڻ توڙي موجوده ٽيڪنيڪل ادارن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽس جا درجا وڌائڻ ۽ انهن جي عمارتن جي ٻيهر مرمت لاءِ وڏي رقم پڻ مختص ڪئي وئي آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ضلعي زڪوات ڪميٽي حيدرآباد پاران حيدرآباد جي مختلف ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽس جي مستحق شاگردن ۾ ميرٽ اسڪالر شپ جاچيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پ پ پ عوامي جماعت آهي ۽ ان جي ڪارڪن کان وٺي قيادت کي سنڌ جي عوام جي ڏک درد جو احساس پڻ آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو پ پ پ حڪومت اقتدار ۾ اچڻ شرط ئي عوامي ڀلائي جا ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن جڏهن ته صوبي ۾سمورن ٽيڪنيڪل ادارن ۽ ووڪيشنل سينٽرن کي فعال بڻائي سنڌ جي بيروزگارن کي مختلف فني شعبن ۾ تربيت ڏني پئي وڃي ته جيئن هو سرڪاري نوڪرين تي ڀاڙڻ بدران پاڻمرداو روزگار ڪمائڻ جي اهل بڻجي سگهن هن چيو ته ٽيڪنيڪل ادارن کان ڊپلومه حاصل ڪرڻ وارن شاگردن کي مختلف سرڪاري ۽ خانگي ادارن ۾ انٽرن شپ ڪرائڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ٽيڪنيڪل ادارن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ادارن مان ڊپلومه حاصل ڪرڻ وارن شاگردن لاءِ مستقل روزگار جا موقعا پيدا کي ڪرڻ يقيني بڻائي سگهجي هن چيو ته حڪومت اڪيلي سر روزگار جا موققا پيدا نه ٿي ڪري سگهي اهو ئي سبب آهي جو پبلڪ پرائويٽ پارٽنرشپ تحت بيروزگارن کي فني تربيت جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن ۽ انهن کي تربيت دوران وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي جڏهن ته تربيت مڪمل ڪندڙ ڪيترن ئي شاگردن کي سندن ڪارڪردگي ئي لياقتن آڌار سرڪاري نوڪريون ڏنيون پيون وڃن هن بيروزگارن تي زور ڀريو ته هو سرڪار جي هن بهترين موقعي مان فائدو حاصل ڪري پنهنجي تربيت ڌيان سان حاصل ڪن ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ضلعي زڪوات ڪميٽي حيدرآباد جي چيئرمين شير محمد پيرزادو ٻڌايو ته ضلعي زڪوات ڪميٽي پاران اڄوڪي هن تقريب ۾ حيدرآباد جي 7 مختلف ٽيڪنيڪل ادارن جي 186 مستحق شاگردن ۾ في شاگرد 10 هزار روپين جي حساب سان ميرٽ اسڪالر شپ جا چيڪ ورهايا پيا وڃن ان کان علاوه ضلعي زڪوات ڪميٽي حيدرآباد پاران ضلعي جي 20 اسڪولن ، 8 ڪاليجن ۽ 4 يونيورسٽي ۾ سالينو 48 لک روپيا ورهايا پيا وڃن ان کان علاوه اسپيشل اسڪولن ۽ سوشل ويلفيئر جي ادارن کي ساليانو 10 لک روپيا مدرسن جي غريب مستحق شاگرد لاءِ ساليانو 20 لک روپيا حيدرآباد جي 5 اسپتالن ۾ 20 لک روپيا ساليانو غريبن جي علاج تي زڪوات فنڊ جي مد ۾ خرچ ڪيا پيا وڃن هن وڌيڪ ٻڌايو ته هلندڙ سال دوران 100غريب ۽ يتيم نياڻين کي ڏاج جي مد ۾ في ڇوڪري 10 هزار روپيا فراهم ڪيا ويا آهن ان کان علاوه ضلعي زڪوات ڪميٽي پاران 200 برسات متاثر خاندانن ۾ 5000 روپيا في خاندن جي حساب سان ورهايا ويا آهن هن مطالبو ڪيو ته شاگردن کي مورا ۽ ميرٽ اسڪالر شپ جا چيڪ ڪراس نه هجڻ گهرجن ته جيئن کين رقم حاصل ڪرن ڪا ڏکيائي نه ٿئي تقريب کي ڊي سي حيدرآباد آغا شاهنواز بابر، ڊائريڪٽر اسٽيوٽا حيدرآباد غلام محمد ميمڻ کان علاه ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button