خيرپور

وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه ضلعي جي معذور ماڻهن جي معاشي بهتري لاءِ خدمت ڪئي آھي، محمد عباس بلوچ

DC keysخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته خيرپور ضلعي جي معذور ماڻهن جي معاشي بهتري لاءِ ضلعي انتظاميه خيرپور پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاهه جيلاني جي خاص ڪاوشن سان وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي آهي جڏهن ته ضلعي جي معذورن ۾ لکين روپين جا قرض ڏنا ويا ته جيئن هُو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪر سگهن. هن اهڙو اظهار ڊي سي آفيس خيرپور معذورن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف غير سرڪاري سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سان گڏجاڻي ۾ ڪيو. هن چيو ته معذور به سماج جو حصو آهن کين عزت ۽ آبرو سان رهڻ سندن بنيادي حق آهي. ان موقعي تي اڳوڻو ايم پي اي ظفر اقبال ٻلال چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ معذورن جي معاشي بهتري توڙي روزگار جي لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪوششون ورتيون ويون آهن سندن مختلف کاتن ۾ مقرر ڪيل ڪوٽا کي يقيني بڻايو ويو آهي. گڏجاڻي ۾ سوشل ويلفير کاتي جي ڊسٽرڪٽ آفيسر قمر رضا بوزدار، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حفيظ الله شيخ، پيپلز پارٽي اڳوڻ لعل بخش منگي، نصير سهتو ۽ معزرو تنظيمن جي اڳواڻن عنصر سنڌو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کان بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ اڳوڻو ايم پي اي ظفر اقبال ٻلال پاران معذور جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن کي ضلعي انتظاميه پاران 13 ٽراءِ ويل سائيڪلن ۽ 10 ٽراءِ ويل موٽرسائيڪلن جون چاٻيون ڏنيون ويون جڏهن ته مختلف پنجن تنظيمن کي معذرون جي بهتري لاءِ ٻه لک روپين جا چيڪ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر جي ڊسٽرڪٽ آفيسر قمر رضا بوزدار ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر حفيظ الله ٻُڌايو ته 100 معذورن کي ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڪورس ڪرائڻ لاءِ گورنمينٽ آءِ ٽي سينٽر کي 5 لک روپين ادا ڪيا ويا آهن جنهن سان ضلعي جي100 معذورن کي وظيفي سان گڏ ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جي تربيتي سکيا پڻ ڏني ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button