سکر

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏينهن رات جي محنت سان ملڪ جي مڙني ووٽرن جي لسٽ نادرا جي ڊيٽابيس مان ٺاھي آھي، امير بخش عباسي

Election Commision Sukkurسکر(بيورورپورٽ) ريجنل اليڪشن ڪمشنر سکر امير بخش عباسي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏينهن رات جي محنت سان ملڪ جي مڙني ووٽرن جي لسٽن وارا ڪوائف نادرا جي مدد سان نادرا جي ڪمپيوٽرائزڊ ڊيٽا بيس موجب حاصل ڪيا آهن ته جيئن شفاف اليڪشن جو انعقاد ممڪن بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 17 آڪٽوبر کي “ووٽرس لاءِ منصوب ڪيل قومي ڏهاڙي” جي عنوان سان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال سکر ۾ ڪوٺايل هڪ سيمينار کي مخاطب ٿيندي ڪيو. هن 18 سالن يا ان کان مٿي جي عمر جي اهڙن ماڻهن جيڪي اڃا تائين پنهنجو ڪمپيوٽرائزڊ قومي شناختي ڪارڊ نه ٺهرائي سگهيا آهن، انهن کي مشورو ڏنو ته اهي جلد شناختي ڪارڊ ٺهرائي ايندڙ 2013 واري اليڪشن ۾ هڪ ووٽر جي حيثيت سان پنهنجي نمائندگي پيش ڪري ملڪ جي جمهوري نظام کي مستحڪم بڻائين. ريجنل اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران خصوصي طور شروع ڪيل تصديقي موبائل فون ايس ايم ايس سروس، جنهن ذريعي ووٽر ٽيڪسٽ ميسيج آپشن ۾ وڃي ڪري 8300 تي پنهنجي قومي شناختي ڪارڊ جو نمبر موڪلي پنهنجي چونڊ جي حلقي، بلاڪ ۽ سيريل نمبر تائين جي معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ممڪنه ڪنهن به قسم جي غلطي جي نشاندهي ۽ ان جي ترت درستگي لاءِ پنهنجي ضلعي اليڪشن ڪمشنر جي آفيس جي متعلقه واسطيدارن سان رابطي ۾ اچن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ويب سائيٽ www.ecp.gov.pk تي وزٽ ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته انهيءَ موقعي تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن آفيسر سکر، سينئر صحافي لالا اسد پٺاڻ، آئي آر سي ۽ ايف اي ايف اي اين سکر جي نمائندن موضوع جي مناسبت سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيمينار ۾ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن، شاگردن ۽ ميڊيا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button