سکر

ٽي وي چينل جي ڪارڪن جي قتل خلاف احتجاج

سکر،بيورورپورٽ
Sukkur journalists protestingپشاور ۾ نجي ٽي وي چئنل جي جي ڪارڪن محمد عامر جي قتل خلاف سکر جي صحافين سنيئر صحافي لا لا اسد پٺاڻ ۽ سکر يونين آف جرنلسٽ صدر نصرالله وسير جي اڳواڻي ۾ ٻاهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري ۾ شامل صحافين محمد زمان باجوا، امداد بوزدار، جميل عمر سومرو، رضوان صديقي ،محمد زمان باجوا، اظهر علي دايو، يار محمد سومرو،۽ ٻين چيو ته پاڪستان اندر ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن کي قتل جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته حڪومت اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي رپورٽرن فوٽو گرافرن ۽ ڪمئرامين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي ملڪ اندر ٿيندڙ واقعن ۽ مظاهرن جي ڪوريج دوران ڪيترن ئي صحافين کي موت جو کاڄ بڻايو ويو آهي پرهن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار يا سزا ناهي ڏني وئي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته محمد عامر سميت مختلف علائقن ۾ قتل ٿي ويل ميڊيا جي ڪارڪنن جي گهر ڀاتين کي مڪمل تحفظ ۽ مستقل بنيادن تي سندن مالي سهائتا ڪرڻ سان گڏو گڏ ملوث قاتلن کي وائکو ڪندي کين عبرت ناڪ سزا ڏيندي صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button