نساسڪ آفيسرن جي غفلت سبب سکر ضلعو مڇرن ۽ مکين جي لپيٽ ۾ اچي ويو
بيورو رپورٽ، سکر
صحت کاتي جي نساسڪ آفيسرن جي غفلت ۽ لاپرواهيءَ ڪري سکر ضلعو مڇرن ۽ مکين جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ ضلعي جي ڀر پاسي جي علائقن روهڙي، ڪنڌره، صالح پٽ، پنو عاقل، مختلف بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو صفائي سٿرائيءَ جو فقدان شهري ازيت ۾ مبتلا سکر ۾ ٿيندڙ طوفاني برسات کان پوءِ علائقن ۾ گندگي پاڻيءَ جي نيڪال ۾ نساسڪ پاران عملي کي صفائيءَ جو هدايتون ڏنيو سکر جي مختلف علائقن ۾ بچل شاهه مياڻي، اسلام ڪالوني، نئون ڳوٺ، نئون پنڊ، آباد لاکا، ڊريها، ڳوٺ نصير آباد، ڳوٺ جعفر آباد، ڳوٺ فراش، سميت ٻين علائقن ۾ مگر ان جو درست مانيٽرنگ نه ڏيڻ ڪري شهر جا ڪيترائي علائقا گندگيءَ جي ڍيرن ۽ پهاڙن ۾ جمع ٿيڻ ۽ جمع ٿيندڙ پاڻي تلاءَ جا منظر پيش ڪري رهيا آهن. بارش کانپوءِ صفائيءِ جو عملو نظر نه آيو پر شهر مان گندگيءَ جا ڍهير جي صفائي نه ٿي سگهي آهي. ڪنيءَ پاڻيءَ جو جمع ٿيڻ روڊن، رستن، گهٽين، محلن ۾ موجود هئڻ ڪري انهن متاثرن علائقن ۾ مڇرن ۽ مکين جي ڀرمار شروع ٿي چڪي آهي. مکين ۽ مڇرن عام شهرين کي تنگ ڪيو آهي. پر ان سان گڏوگڏ گهريلو عورتون به شديد پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن. صحت کاتي ۽ نساسڪ انتظاميه کي ان باري ۾ ڪيتريون ئي شڪايتون ڪرڻ جي باوجود نه ته صحت کاتي مڇرن ۽ مکين بچاءُ لاءِ اسپري ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي نساسڪ شهر مان گندگيءَ جا ڍهير کڻڻ ۾ مسلسل سستي ڪري رهي آهي. شهرين صحت کاتي ۽ نساسڪ جي مسلسل نااهلي ۽ سست روي تي تشويش جو اظهار ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير صحت ۽ نساسڪ جي اعليٰ آفيسرن سميت ٻين کي مطالبو ڪيو آهي ته سکر شهر کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهرين کي مقامي سهولتون فراهم ڪري انهن کي وڌيڪ پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي.