مهاڻن خلاف سازشون هاڻ بند ٿيڻ گهرجن
جنهين سندي ڌير، سي ئي لوڙائو ٿيا…
مهاڻن خلاف سازشون هاڻ بند ٿيڻ گهرجن
سامي ميمڻ
پورهيت ماڻهو پڙهيل لکيل، منظم ۽ سڌريل هجن ها ته دنيا ههڙي ڏکي ۽ خوشين کان محروم نه هجي ها ۽ کين سيکارڻ، سڌارڻ ۽ منظم ڪرڻ لاءِ ڏاهن جي ضرورت نه هجي ها. پر پورهيتن جي بدقسمتي آهي ته جتي کين ڦرڻ، بيوس ڪرڻ ۽ غير منظم ڪرڻ ۾ ظالم لٽيرن ۽ حملي آورن جو وڏو هٿ رهيو آهي، اتي سڀ کان وڌيڪ سندن گهرن ۾ موجود پڙهيل لکيل بظاهر ڏاهن، سياستدانن جو منجهائيندڙ ۽ سازشي ڪردار پڻ آهي، جنهن ڪري پورهيت اڄ به ان چوڻي ”لٺيون جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير“ جو شڪار ٿي رهيا آهن. اهڙو ئي رويو ڪجهه مهينن کان مخصوص سوچ رکندڙ ليکڪن جي لکڻين ۾ نظر آيو آهي، جيڪي مهاڻن طرفان درياءَ توڙي ڍنڍن ۾ زهر ملائي مڇي مارڻ جي آڙ ۾ سخت تنقيد ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه نه رڳو ساراهه جوڳي آهي پر جيڪڏهن حڪومت پاڻيءَ ۾ زهر ملائي مڇي ماريندڙ وڏيرن ۽ ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪري سخت ڪارروائي ڪري ته اهڙن ليکڪن ليکڪن کي لکڻ لاءِ ڪو ٻيو موضوع ملي وڃا ها، پر بدقسمتي آهي ته رياست ۾ ويٺل وڏيرا پنهنجن ڇاڙتن وسيلي اهڙو ڪڌو ڪم ڪرائڻ کان نه بس ڪندا ۽ نه وري سـُر سان سـُر ملائي هنن ليکڪن کي لکڻ کان ڪا واندڪائي ملندي.
مون کي اهڙين لکڻين تي حيرت آهي جن ۾ رڳو هڪ غريب مهاڻي کي تنقيد جو نشانو بڻائي سندس پٺن تي لفظن جون لٺيون هنيون پيون وڃن. سندن لکڻين ۾ محسوس ٿيندڙ ڪاوڙ مان لڳي ٿو ته کين ڍنڍن تي مڙهيل ٺيڪيداري نظام جي خاتمي تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. سندن ان قسم جون لکڻيون سنڌ جي پڙهندڙن ان دور ۾ ڪڏهن به نه پڙهيون، جڏهن مهاڻن پنهنجن بکايل ٻارن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ وڏيرن ۽ ٺيڪيدارن طرفان ڍنڍن تي ٺيڪيداري ۽ قبضن مهل هڪڙي مڇي به مارڻ جي اجازت نه ڏني، مهاڻن پاڻ سندرو ٻڌي پنهنجي روزگار کي بچائڻ لاءِ ويڙهاند ڪئي، پوليس جون لٺيون جهليون، جيل ڪاٽيا ۽ قتل ڪيا ويا، جنهن بعد رياست مجبور ٿي ڍنڍن تي مڙهيل ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو. مهاڻن کي شاباس ڏيڻ، کين سمجهائڻ، مهاڻن ۾ ويٺل پاڻيءَ ۽ مڇيءَ جي دشمنن کي نمايان ڪري برادريءَ مان ٻاهر ڪڍڻ جون ڪوششون ڪرڻ بدران مخصوص ماڻهن هر مضمون ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ڪري ته ٺيڪيداري نظام جي خاتمي کانپوءِ مهاڻا ڇڙواڳ يا غير قانوني ۽ ناجائز طريقي سان مڇي مارڻ جا طريقا استعمال ڪري زهر ملائي رهيا آهن، آخر ڪنهن جي حمايت ڪري ڪنهن کي خوش ڪري رهيا آهن.
آئون ان ڳالهه سان متفق آهيان ته ماحولياتي گدلاڻ کان پاسو ڪجي، مڇي مارڻ لاءِ لالچ ۾ اچي زهر ملائي ماڻهن کي نه بيمار ڪجي، پر ان ڳالهه جي پويان جيڪو بغض، ڪاوڙ، ڪينو ۽ حسد موجود آهي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. ڳالهه جيڪڏهن رڳو زهر ملائڻ جي هجي ها ته ٺيڪ ۽ اسان سڀ گڏجي هن وقت به واويلا ڪري رهيا آهيون ۽ مسئلي حل ٿيڻ تائين ڪندا رهنداسين، پر رڳو ڳالهه اها ناهي. جڏهن کان ٺيڪيداري نظام ختم ٿيو آهي تڏهن کان وٺي وڏيرن ۽ ٺيڪيدارن پئسا ڀري اهڙا ليکڪ ۽ ڏاها خريد ڪري ورتا آهن، جن ذريعي مهاڻن کي هٿ وٺي هڪ سازش ذريعي بدنام ڪرڻ، کين ڏوهي قرار ڏيڻ، وس پڄندي کين ڪچو کائي ڇڏڻ جهڙيون لفاظيون ڪري دراصل وڏيرن کي واپس ڍنڍون موٽائي ۽ مهاڻن کي سندن غلام بڻائڻ جي خطرناڪ سازش ڪئي پئي وڃي.
ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ”علم پڙهي ڪـُرسي ماڻڻ“ کان بهتر آهي ته عوام جي شعور، ٻڌي ۽ ظالم خلاف ويڙهه ڪري پنهنجا حق وٺڻ لاءِ پنهنجي ڏاهپ ۽ علم کان ڪم وٺڻ گهرجي. پر هتي قصو ئي ابتو لڳو پيو آهي، جنهن ۾ ٿوري به ساڃهه، علم، عقل ۽ صلاحيت آهي، اهو مارڪيٽ ۾ پنهنجو اگهه لڳائڻ ۽ پورهيت عوام خلاف هر سازش جو حصو ٿيڻ لاءِ آتو نظر اچي رهيو آهي. اهڙين ڪاروباري حالتن ۾ جيڪي ماڻهو سچ پچ ته تڪليفون ڏسي، مصيبتن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏئي پنهنجي اصولن ۽ آدرشن تي هلن ٿا، لالچ ۽ لوڀ ۾ اچي صلاحيت، علم ۽ ڏاهپ جو سودو نٿا ڪن، تن کي سلام ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
هن ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ هارين، مزدورن ۽ مهاڻن جي اڪثريتي ووٽ ۽ طاقت تي حڪومتون جوڙيون وڃن ٿيون، سياسي پارٽيون وڏا جلسا ڪري نالو ۽ ناڻو ڪمائين ٿا، ڪين مان ڪجهه ۽ گهڻو ڪجهه ٿي پاڻ کي پورهيتن جو ڌڻي سڏائيندڙ ماڻهو هنن 65 سالن ۾ ته غريب طبقي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته هارين ٺلهن نعرن پويان ڊوڙي سموري سگهه، ساڃهه ۽ سموري موڙي جن ماڻهن پويان لڳائي، سي ته اڳتي نڪري ويا ۽ هاري اڄ به بٽئيءَ مان اڌ حصو ملڻ جي آس ۾ کـِري ڀرسان بيٺل آهي، اڄ به وڏيري جو پيڙهائتو قرض آهي، اڄ به سندس سمورا انساني ۽ قانوني حق ڦٻايل آهن، هو اڄ سگهارو ٿي آزادي سان هاري به نه ٿي سگهيو آهي. ڄڻ سڄي هڙ هارائي وري وڏيري جو ٻڌو ٻانهو ٿي غلامي ڪرڻ تي مجبور آهي، سندس حمايت ڪندڙ سياسي ۽ انقلابي پارٽيون الائي ڪيڏانهن ويون، وري اين جي اوز پنهنجا ٻوٿ ٻاهر ڪڍي چلڪڻا نعرا اوڌر جي واعدن بدران روڪڙا واعدا ڪري هارين کي هرکائڻ شروع ڪيو آهي. مزدور انقلاب درِخيبر تي دستڪ ڏئي رهيو آهي، مزدورن لاءِ ليبر لا به ٺهيو، سوشل سيڪيورٽي تي به عمل ڪيو ويو، پر اڄ پاڪستاني مزدور شڪاگو واري جدوجهد کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. سندس سياسي پارٽين انقلابي نعرا ڏنا، کين ٽريڊ يونين ۽ فيڊريشنون ڏئي جدوجهدون ڪرائي قيد سختيون ڏنيون، وڏا جلسا، ريليون ڪڍي ۽ مطالبن جي حق ۾ ويڙهه به ڪئي وئي، نتيجو ڇا نڪتو!؟ مزدور طاقت ڪمزور ٿي وئي، مزدورن جي حق جي ڳالهه ڪرڻ لاءِ ڪير تيار ڪونهي، هاڻ ته شڪاگو جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ به مزدور نٿا لڀن. هارين ۽ مزدورن جو ههڙو حشر اوچتو ۽ پاڻمرادو نه ٿيو، انهن سان به ويساهه گهاتيون ڪيون ويون، سرمائيدار ميڊيا، ڪتابن ۽ پروپيگنڊا جي سمورن ذريعن وسيلي مزدور ۽ انهن جي تنظيمن خلاف طوفان کڙو ڪيو ۽ آخرڪار هارين ۽ مزدورن جي سياسي، نظرياتي ۽ معاشي چيلهه چٻي ڪري کين گمناميءَ جي ڪـُن ۾ اڇلائي ڇڏيو.
هن ملڪ ۾ پورهيت تحريڪ ڪمزور ڇا ٿي، سرمائيدارن ۽ وڏيرن جي ٻيگهي مچي وئي. هنن هارين ۽ مزدورن کان رهيل سمورا پلاند ڳڻي ڳڻي ورتا، 70ع واري ڏهاڪي کان 83ع تائين جدوجهدن جو عرصو رهيو ۽ وڏيون اٿلون پٿلون ٿيون، جيل هارين ۽ مزدورن سان ڀريا ويا، کين ڪوڙا هڻي سياسي سجاڳي جي سزا ڏني وئي، جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته هارين ۽ مزدورن سياست، انقلاب ۽ ويڙهاند کان توبهه ڪري ڪـَن پڪڙي وڃي گهر ڀيڙا ٿيا. 88ع کان 95ع تائين هڪ خال رهيو، جمهوريت بحال ٿي، عوامي حڪومتون آيون ۽ ويون، عوامي حقن جا واعدا ٿيا پر عمل نظر نه آيو. ان خاموشي ۽ سياسي سـُڃ واري عرصي دوران پورهيتن جي هڪ گمنام، ڪمزور ۽ پيڙهيل حصي مهاڻن کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو، شهرن کان پري جهنگن، ڍنڍن، درياءَ جي ڪپن ۽ سامونڊي ڪنارن تان مهاڻن جو آواز بلند ٿيڻ لڳو ته ڄڻ ماحول ئي تبديل ٿي ويو، وري ملڪ ۾ پورهيت هلچل جا اهڃاڻ اڀرڻ لڳا.
2002ع ۾ جڏهن مهاڻن بدين ۾ رينجرز طرفان ڍنڍن تي زوريءَ ڪيل 32 سالن جي پراڻي قبضي خلاف بغاوت جو اعلان بلند ڪيو ته هر ماڻهو حيران ٿي ويو، سياسي پارٽين، هارين ۽ مزدورن مهاڻن کي سمجهائڻ شروع ڪيو ته هو ڀت سان مٿو نه هڻن ۽ خودڪشي نه ڪن. رينجرز ڏاڍي ايجنسي آهي، منجهائن هڪڙو به نه بچندو، پر پوءِ ميدان ۾ نڪتل مهاڻن آڻ نه مڃي ۽ دنيا ڏٺو ته مسلسل ۽ مستقل مزاجي سان پرامن جدوجهد ڪري رينجرز کي واپس بارڊر تي اماڻي ڍنڍون آزاد ڪرايون ويون ۽ اڄ مهاڻا ڍنڍن تان مڇي ماري ٻچن جو گذر آزادي سان ڪري رهيا آهن.
جڏهن رينجرز واپس وئي تڏهن به وڏيرن، رينجرز جي يارن ۽ سياسي ڌرين وٺي گوڙ ڪيو، اخبارن ۾ مضمون ڇپيا ته مهاڻا ڇڙواڳ ٿي ويا، مهاڻا وڏيرن جي اباڻين ڍنڍن تي قبضو ڪري ويا، ان وقت به تنگ نظر ليکڪن وڏيرن جو مـُنشي ٿي لکيو هو ته مهاڻا سنها ڄار ۽ پاڻي ۾ زهر ملائي مڇي ماري رهيا آهن ۽ ٻي ڪيتري تنقيد ڪئي وئي ۽ اهڙو ماحول ٺاهيو ويو آهي جو مهاڻو پريشان ٿي ويو آهي، مهاڻي کي اڪيلو ڪري وڏيرن ۽ ٺيڪيدارن کي ٻيهر ڍنڍن تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هي مسئلو رڳو مهاڻڻ جو نه پر سمورن هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ حقيقي، سچي ۽ نظرياتي جدوجهد ڪندڙ سياسي تنظيمن جو به آهي، ان ڪري هارين، مزدورن ۽ مهاڻن جي گهڻ گـُهرن کي گهرجي ته هو پنهنجي بنيادي، پيدائشي ۽ فطري حقن کي بچائڻ لاءِ گڏ ٿين ۽ پنهنجي خلاف علمي، عملي، قلمي ۽ سياسي فتني بازي کان بچائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙين.