مختصر خبرون

مختيار ڪارسکر طارفان برسات متاثر علائقن جي بنا رنگ ۽ نسل جي سروي ڪرڻ جي ھدايت

سکر، بيورورپورٽ
مختيار ڪار سٽي سکر غلام رسول گهنيوبرسات متاثر علائقن ۾ سروي ڪندڙ ٽيمن بلا رنگ ۽ نسل جي متاثرن جو سروي ڪن ۽ انهن کي ٿيندڙ نقصان صحيح نموني اندراج ڪن. غفلت ۽ لاپرواهي ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ٿيندڙ برسات متاثر علائقن ۾ ڪئي ويندڙ سروي ٽيمن جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجي دوري جي موقعي تي ٽيم جي آفيسرن ۽ متاثرن کان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ان سان گڏ سٽي سرويئر زاهد حسين ڪونڌر ۽ ٻيا به موجود هئا. هن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ته سروي ٽيمون تمام مصروفيتون پري رکي ڪري بارش جي پاڻي سان تباهه ٿيندڙ ملڪيت ۽ سامان جي نقصان جو سروي رپورٽ تيار ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. ڄاڻايل سروي ٽيمن پاران برسات متاثر علائقن ۾ سروي جو ڪم 0 8 فيصد مڪمل ڪري ورتو آهي. سروي مڪمل ٿيڻ بعد متاثرن جي لسٽ ٺاهي ڪري اعليٰ اختيارن ڏانهن موڪلي ويندي جيئن متاثرين کي جلد کان جلد ريليف فراهم ٿي سگهي. هنن چيو ته متاثر سروي ٽيمن تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته انهن کي امدادي رقم ادا ڪئي وڃي. متاثر علائقن ۾ سروي ڪندڙ ٽيمن جو ڪم صرف برسات کان ٿيندڙ نقصان جي رپورٽ ٺاهڻ آهي پر افسوس سان متاثر جعلي سروي ٽيمن جي آسري ۾ اچي ڪري انهن کي رشوت ڏئي ڪري پنهنجو نالو سروي ۾ داخل ڪرائي رهيا آهن. متاثرين کي گهرجي ته اهي صرف گورنمينٽ پاران ٺاهيل ٽيمن کي پنهنجي متاثر گهرن ۽ دڪانن جو سروي ڪرائين ۽ ٿيندڙ نقصان جو درست اندراج ڪرائين ته جيئن ڪوئي حقدار حق کان محروم نه رهجي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button