امڪاني ٻوڏ اچڻ شرط سکر شهر جي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو
عمر سومرو، سکر
امڪاني ٻوڏ اچڻ شرط سکر شهر جي ٻڏڻ جو خطرو وڌي ويو،ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود بندر وال تي ٻن هنڌن تان حفاظتي ڀت جا 2 وڏا حصا ٽٽل،آبپاشي ۽ ضلعي اختياريون اگهور ننڊ ۾ ستل،سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڏينهون ڏينهن وڌڻ سان خطرو به وڌڻ لڳو،چونڊل نمائندا به بي خبر، رپورٽ موجب سنڌودرياهه جي ساڄي ڪپ تي آباد سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾سال 2010 ۾ آيل وڏي ٻوڏ کانپوءِ سنڌو درياهه جي ڪناري بندر وال جي مضبوطي ۽ شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ درياهه جي ساڄي پاسي واري حفاظتي ديوار بندر وال تي ڪروڙين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود بندر وال جي زبون حالي واري صورتحال اڃان تائين برقرار ان ڪري آهي جو بندر وال تي ٻن هنڌن کان ديوار ۾ ٻه وڏا حصا اڃان تائين ٽٽل حالت ۾ موجود آهن هڪڙو حصو مڪراڻي مسجد بندر روڊ جي ڀرسان آهي جتي ڊرينيج جي لائين مٿان هڻڻ باجود ان جي هيٺين حصي کي اڃان تائين مڪمل بند ناهي ڪيو ويو بلڪي اتان اڃان تائين گندو ڊرينيج وارو پاڻي درياهه ۾ وڌو پيو وڃي ۽ ٻيو حصو واٽر ورڪس ويجهو ميراڻي جامع مسجد جي لڳو لڳ موجودآهي جتان بندر وال کي بند ڪرڻ بجاءِ اتي پهاڙي ڀٿر رکيا ويا آهن جيڪو پڻ خطري جو وڏو گهنٽ آهي ان سان گڏوگڏ سنڌو درياهه ۾ ڏينهون ڏينهن پاڻي جو چاڙهه بدستور وڌندو پيو وڃي جيڪڏهن اوچتو ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي ته بندر وال جي ٻنهي ٽٽل حصن مان پاڻي داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ سکر شهر ٻڏي سگهي ٿو اهڙي سخت خطري باوجود هتان جي ضلعي انتظاميا توڙي آبپاشي اختياريون نه رڳو اگهور ننڊ ۾ ستل آهن بلڪي سکر سان تعلق رکندڙ ۽ حڪومت ۾ سٺو اثر رسوخ رکندڙ هڪ سينيٽر،سندس ايم اين اي پٽ،هڪ وفاقي وزير۽ ٻن ايم پي ايز به ان اهم معامري تي بي خبر نظر اچي رهيا آهن جنهن جي ڪري سکر واسي خاص طور بندر روڊ جي تي رهندڙ رهواسين۽ واپارين ۾ سخت خطرو ۽ بي چيني موجود آهي جيڪڏهن وفاقي توڙِي صوبائي ۽ ضلعي اختيارين ان بندرديوار جي مڪمل مضبوطي طرف تڪڙو ڌيان نه ڏنو ته سکر واسين جو ايندڙ وقت ۾ وڏي پئماني تي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگهي ٿو.