خيرپور

خيرپور ضلعي جي برسات متاثرن جي سارسنڀال لاءِ ڪوششون جاري آھن، محمد عباس بلوچ

DC visitخيرپور:ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ چيو آهي ته برسات متاثرن جي سار سنڀال لاءِ ضلعي انتظاميه پاران هر ممڪن ڪوشش ورتي پئي وڃي جڏهن ته برسات متاثرن ڳوٺن، تعليمي ادارن توڙي ٻين بلڊنگس مان برسات جو پاڻي ڪڍرايو ويو آهي. هن اهڙو اظهار خيرپور شهر اندر مختلف برسات متاثر علائقن جي دوري دوران ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ضلعي جي ترقياتي ڪمن جي رهيل ڪم کي وقت سر پورو ڪيو ويندو جڏهن ته برسات متاثرن علائقن جي صورتحال توڙي نقصانن کان صوبي جي اعلى اختيارين توڙي صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمنيٽ اٿارٽي کي وقت بوقت اطلاع ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ضلعي جي برسات متاثرن جي لاءِ امدادي سرگرمين لاءِ ضلعي انتظاميه غير سرڪاري تنظيمن سان گڏجي متاثر علائقن جي ماڻهن کي کاڌ خوراڪ، ٽينٽ توڙي صحت جي سهولتون پڻ مهيا ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور برسات متاثرن جي امداد لاءِ مقرر ٿيل فوڪل پرسن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ٽو ڪئپٽن انوارالحق کي ضلعي اندر برسات متاثرن جي رليف لاءِ سرگرمين کي تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڳوٺ سانوڻو جمالي ۾ برسات جي پاڻي جي نيڪالي واري صورتحال جو جائزو ورتو جڏهن ته بعد ۾ ڊي سي خيرپور ماڊرن جيمخانه خيرپور ۽ شهيد بينظير ڀُٽو پارڪ تي هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور بلڊنگ کاتي جي لڳاپيل عملدارن کي ڄاڻايل اسڪيمن جو ترقياتي ڪم مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button