مختصر خبرون
9 سالا نينگر بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ بهرام خان مري ۾ 9 سالا نينگر بجلي جي تار ۾ وچڙي فوت ٿي ويو. وارثن جو احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ٽنڊومستي لڳ ڳوٺ بهرام خان مري ۾ 9 سالا نينگر نياز حسين ولد شاهن مري پنهنجي گهر کان جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته گهر ٻاهران بجلي جي ڪريل تار ۾ وچڙي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. نينگر جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪندي چيوته ڳوٺ جي بااثر علي محمد مري روهڙي ڪينال مان پاڻي چوري ڪرڻ لاءِ کليل تارن سان موٽرون لڳايون آهن ۽ اهي تارون زمين تي پيل آهن اسان کين ڪيترائي دفعا منع ڪئي پر هنن تارون مٿي نه ڪيون جنهن جي ڪري اسانجو نينگر فوت ٿي ويو. هنن چيوته تارون لڳائيندڙ بااثر وڏيري خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻنداسين.