ڪراچي جو عبدالله ڳوٺ، جتي محرومين جو ڇهه ئي ڪونهي !
سامي ميمڻ
زندگي جي حصي ۾ ملڻ وارين محرومين ۽ ڏکن کي سيني سان لڳائي جيئندڙ انسان هر حالت ۾ انهن کان شڪست تسليم نه ڪندو آهي، انهن جو مقابلو ڪندي پنهنجي حصي جي خوشين کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، انهيءَ ڇڪتاڻ ۾ زندگيءَ جو ڊگهو سفر گذري ويندو آهي.
پر جيڪو ڏک مايوس ڪندو آهي، جيڪو عمل نظرانداز ۽ بي حسي ۾ مبتلا ڪندو آهي، اهو آهي پنهنجن جون اکيون ڦيرڻ، مذهب ۽ انسانيت جي دعويدارن جي مفاد پرستي، لالچ، لسانيت، تعصب ۽ نفرت، طاقتور جو ڪمزور تي حملو، اختيار کرڻ واري جو بي اختيارن تي ڪاهه، اهو عمل انسان کي جيئري ئي ماري ڇڏيندو آهي. خوف ۽ ڊپ ڇائنجي ويندو آهي، اعتبار ۽ ايمان کڄي ويندو آهي، حڪمرانن، رياستي ادارن، چونڊيل نمائندن، بااختيار شخصيتن مان جيڪي اميدون آهن اهي مايوسي ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. واعدا ڪوڙا، منشور منڪر، اکين ۾ لالچ، دل ۾ حوس محبت جي ڌڙڪندڙ دلين ۾ پٿر ڀري ڇڏيا آهن.
ڪراچي شهر جو ذڪر ڪندي اسان جي ذهن ۾ هڪ ترقي يافته، معاشي طرح مستحڪم، هڪ جديد شهر جو خوشحال تصور گهمڻ لڳندو آهي، انهيءَ شهر کي روشنين جو شهر ”مني پاڪستان“ ۽ ٻين ڪيترن ئي سٺن نالن سان سڏيو ويندو آهي. پر انهيءَ شهر ۾ صدين کان قائم ڳوٺن تي جڏهن نظر پوندي آهي ته ترقي پسماندگي ڏانهن سفر ڪندي نظر ايندي آهي. ايڏي وڏي شهر جي ”ماءُ“ جي حيثيت رکڻ وارا هي ڳوٺ بيواهه ۽ عورت وانگر محروم ۽ مايوس آهن، ڪير به انهن ڳوٺن جي سار سنڀال لهڻ وارو ڪونهي.
بظاهر خوش، ترقي يافته ۽ مهذب شهر ڪراچي اندر غربت، ذلت، محرومي ۽ مسئلن جا انبار لڳل آهن، جنهن جو احساس حڪمرانن کي ذري برابر به نه آهي. چونڊيل نمائندن جي بي حسي ڪري ڏينهون ڏينهن مسئلن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، انهن ڳوٺن ۾ صدين کان قائم سمنڊ ڪناري ماهيگيرن جي قديم وسندي ”عبدالله ڳوٺ“ هڪ آهي. ڪراچي جي علائقي هاڪس بي ڪياماڙي ٽائون جي جابلو علائقن جي هنج ۾ قائم 250 گهرن تي ٻڌل هي ڳوٺ ڪراچي جي خوشحالي جي دعويدارن جي مـُنهن تي هڪ چماٽ آهي، جتي ٻه سئو سالن کان آباد ماڻهو انساني بنيادي ضرورتن کان محروم آهن، جتي ترقي، خوشحالي ۽ سک ڄڻ ته رٺل آهن.
انهن ماڻهن جي مسئلن کي ويجهو کان ڏسڻ، مشاهرو ڪرڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حڪمرانن تائين پهچائڻ لاءِ عبدالله ڳوٺ وڃي نڪتس ۽ صبح جو سوير هاڪس بي جو سفر ڪري 50 ميل ڪچا رستا جهاڳي وڃي عبدالله ڳوٺ پهتس. ايئن لڳي رهيو هو ته پاڪستان جي ڪنهن قبائلي علا.ئقي ۾ وڃي رهيو آهيان. ڪراچي جو تصور به نه هو، انهن جابلو علائقن جي زمين تي اڪثر ڀتيون کڙيون ڪيون پئي ويون، ڪٿي ڪٿي نشانن لاءِ پٿر رکيا ويا هئا. هڪ ويراني ۾ ان مهم جو مقصد سمجهه کان ٻاهر هو. سفر ۾ ويندي هڪ پوڙهو پيادل شخص بس ۾ سوار ٿيو، مون گاڏي ۾ سوار عبدالله ڳوٺ جي هن مقامي شخص کان ڀتين کڻڻ جو سبب پڇيو ته هن انڪشاف ڪيو ته اهي وڏيرن، سردارن ۽ بلڊرز مافيا جا ماڻهو آهن جيڪي قبضو ڪري رهيا آهن. اهي ماڻهو هٿياربند آهن، کين انتظاميا ۽ پوليس جي ڀرپور مدد حاصل آهي. هن اهو به ٻڌايو ته سرڪاري گاڏين ۾ روينيو ۽ ٻين ادارن جا آفيسر ايندا آهن ۽ پنهنجو حصو وٺي هليا ويندا آهن. هن ٻڌايو ته لينڊ مافيا ايتري ته مضبوط آهي جو هاڻ ان جون اکيون عبدالله ڳوٺ تي کـُتل آهن. ڪجهه ماڻهو وڏين گاڏين ۾ ايندا آهن ۽ ڳوٺ وارن کي ڌمڪائي ويندا آهن ته عبدالله ڳوٺ تي قبضو آهي جنهن کي فوري طور تي خالي ڪيو وڃي.
مان حيرت ۾ پوڙهي کي ٻڌندو رهيس ! بس اوچتو بيهي رهي، عبدالله ڳوٺ اچي ويو، مون بس مان لهي هڪ نظر ڳوٺ تي وڌي، ڳوٺ ڇا هو ڄڻ ته سنڌ جو نقشو هو. اڪثر ڪچا گهر، ٻڪريون ٻاڪار ڪندي ڊوڙي رهيون هيون، هڪ ننڍو ٻار بنا ڪپڙن جي ٻڪرين کي پڪڙڻ لاءِ انهن پويان ڀڄي رهيو هو ۽ مخصوص زبان ۾ ٻڪرين تي ڪاوڙ ڪري رهيو هو. ڪٿي ڪٿي پڪا گهر به نظر آيا. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هي انهن ماڻهن جا گهر آهن جن کي عام زبان ۾ کاڌي پيتي گهراڻي سان تعلق رکندڙ چيو ويندو آهي. کليل گهر در ۽ ديوارن کان آزاد، ان کي ڳوٺ چئبو آهي، مون کي ڏاڍي حيراني ٿي! ان کان اڳ اسان هڪ پرائمري مسجد اسڪول ۾ ويهي ڪچهري شروع ڪريون، مون عورتن جو هڪ ولر ڏٺو، مٿن تي دلا، گڏهه گاڏين جي قطار جن ۾ پاڻيءَ جا ٿانوَ، پيادل ته ڪجهه گاڏين ۾ سوار عورتن ۽ معصوم ٻارن تي ٻڌل هن قافلي کي ڳوٺ وارا پاڻيءَ جو قافلو چئي رهيا هئا.
عورتن ۽ ٻارن جي چهرن مان بيزاري ظاهر ٿي رهي هئي، گلن جهڙا ٻارڙا جن جي هٿن ۾ ڪٿاب ۽ کيڏڻ لاءِ رانديڪا هجڻ گهرجن، انهن کي وقت هٿن ۾ ڳرا ڊرم پڪڙائي ڇڏيا. جن عورتن کي پنهنجن مڙسن کان چوڙين جي فرمائشون ڪرڻ گهرجن تن جي مٿن تي دلا هئا ۽ هو جيئڻ لاءِ پاڻي تلاش ڪرڻ ۾ رڌل هيون.
اسلامي رياست پاڪستان جي وڏي شهر ۾ صحراءِ ٿر بڻيل هن ڳوٺ ۾ يزيديت عروج تي نظر آئي، ڪربلا ۽ پاڻي جي تلاش عظيم سنگم هو. پنهنجي ڪيفيت کي مون ڳوٺ جي جوانن ۽ پوڙهن جي چهرن ۾ تلاش ڪيو هو ته انهن جا چهرا اُڃايل ڌرتي وانگر لڳم. منهنجي هٿ ۾ ڪاغذ، قلم ۽ ڪيمرا ڏسي ماڻهن وڏي تعداد ۾ مون کي گهيري ورتو، نه مان وزير هئس، نه سٽي حڪومت جو ڪارندو، نه ئي واٽر بورڊ جو آفيسر! بس هڪ صحافي جيڪو ڪاغذ تي درد اوتيندو آهي، جيڪو پنهنجو سينو چيري ته رکي سگهي ٿو، بس ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهي!
مقدو اخبار جي ڪچهري شروع ٿي. هن ڪچهري ۾ نوجوان ۽ پوڙها وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. مون پهريون سوال ڪيو ته توهان هتي ڪڏهن کان آباد آهيو؟ منهنجي سوال تي ڪچهري جي ڪنڊ ۾ ويٺل هڪ 90 سالن جي پوڙهي ڳالهائڻ شروع ڪيو. پٽ ٻه سئو سالن کان اسان جا ابا ڏاڏا هتي آباد آهن، اسان انگريز ۽ ان کان اڳ جا به حڪمران ڏٺا آهن. ان پوڙهي ٻڌايو ته جڏهن پاڪستان قائم ٿي رهيو هو ته سڀ کان وڌيڪ خوشي اسان کي ٿي، ڇو ته چيو پئي ويو ته مسلمانن جو ملڪ ٺهي رهيو آهي، جتي انصاف ٿيندو، حق ملندا، هر انسان کي برابري جو درجو ملندو، مذهبي رواداري هوندي، سلامتي، امن ۽ تحفظ هوندو. هڪ نيون اميدون جاڳيون هيون، ڪجهه دير لاءِ مايوسي ڪفر بڻجي وئي هئي. ان بزرگ جي اکين ۾ ڳوڙها نه هئا، پر سندن مـُنهن تي حقارت ۽ نفرت صاف نظر اچي رهي آهي. هن ٻڏل آواز ۾ چيو ”پوءِ مسلمانن جي رياست پاڪستان“ جي نالي سان وجود ۾ آئي. اسان جوان هئاسين، پنهنجي پوڙهن والدين سان ڳلي ملياسين، نچياسين، ڪڏياسين، پاڪستان ٺهي ويو، زمين تي سجدا ڪيا، دعائون گهريون، هاڻ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
اهو چئي ان پوڙهي جي ضبط جا بند ٽٽي پيا ۽ هن روئي ڏنو. پاڪستان کي عرصو ڪيترو ٿيو آهي، 62 سال، انهن 62 سالن ۾ ته هن مسلمان رياست ۾ اسان سان ڪافرن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو ويو آهي. اسان جي پنهنجي زمين تي اسان جي ابن ڏاڏن جون قبرون آهن، تاريخي حق آهن، پر وقت جا حاڪم چون ٿا ته اسان قبضا گير آهيون، هي ملڪ اسان جو ناهي، 62 سالن کان اسان پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهيون، اسان جون عورتون پاڻي جي ڳولا ۾ صبح جو گهرن مان نڪرن ٿيو ته شام جو واپس اچن ٿيون. اهڙي زندگيءَ کان موت بهتر آهي ۽ پوڙهو چپ ٿي ويو. محفل سوڳوار ٿي وئي، ايئن لڳي رهيو هو ته ميدان ڪربلا ۾ شهدائي ڪربلا جي شام غريبان ٿي رهي هجي.
ڪچهري ۾ ڪجهه دير بعد مون ٻيهر سوال ڪيو ته ڪهڙن مسئلن کي ڀوڳي رهيا آهيو؟ ته هڪڙي نوجوان جمعو خان ٻڌايو ته عبدالله ڳوٺ ۾ تقريبن سڀ ماڻهو ماهيگيري ڪري روزگار حاصل ڪندا آهن، هاڻ ته سمنڊ ۾ مڇي جا ذخيرا به گهٽجي ويا آهن. صبح جو عورتون پاڻي جي تلاش ۾ نڪري وينديون آهن ۽ مرد مڇي جي شڪار لاءِ سمنڊ ۾ هليا ويندا آهن، باقي ٻار ڳوٺ جي چوڪيداري ڪندا آهن. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي دورِ حڪومت ۾ اسان جي ڳوٺ لاءِ 16 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي هئي، اسان اڻپڙهه غريب ماهيگير آهيون، پڙهيل لکيل آفيسرن، سماجي ڪارڪن ۽ حڪمرانن تي ڀروسو ڪندا آهيون، هاڻ اهي آفيسر ڪاغذ کڻي هليا ايندا آهن ته هي زمين اسان کي کڻت تي ڏني وئي هئي، ان جو عرصو پورو ٿي ويو آهي، هاڻ اسان کي زمين خالي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صدين کان وڏک ۽ سک ڪاٽيندا اسان عبدالله ڳوٺ ۾ هڪ کوهه مان پاڻي حاصل ڪندا هئاسين، هاڻ اهو کوهه به کارو ٿي ويو آهي. زمين جي سطح ايتري ته هيٺ ٿي وئي آهي جو 225 فوٽن تي به پاڻي نٿو نڪري. اسان غريبن کان ته نصيب ئي رُسي ويو آهي. تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻيون سهولتون ته هڪ خواب بڻجي ويون آهن.
شير محمد ڀنڊ چيو ته اسان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنا، پر هنن اسان جي ڪا به مدد نه ڪئي. هاڻ ته حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڪير ڪنهن کي سڃاڻي ئي نٿو. ترقياتي ڪم، ڳوٺ جي ريگيولرائيزيشن، روڊ، پاڻي، اسڪول ۽ اسپتال لاءِ ٽائون ۽ سٽي حڪومت تائين پهچ ناهي. هن ٻڌايو ته عبدالله ڳوٺ ۽ ڪراچي ۾ 50 ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي، هڪ بس صبح جو ماڻهن سان سٿجي شهر ويندي آهي ۽ شام جو واپس ٻڪرين وانگر ڀرجي موٽندي آهي، انهيءَ دوران ڪير مري ٿو ته مري. هن ٻڌايو ته سفري سهولتن جي نه هجڻ ڪري هيل تائين 160 عورتون تڙپي تڙپي مري ويون آهن. هن ٻڌايو ته پاڻي جو ٽينڪر 650 رپين ۾ ملندو آهي، جيڪو وٺي سگهي ٿو اهو وٺندو آهي. عورتون ڳوٺ کان پري هڪ باغ مان پاڻي آڻينديون آهن جيڪو ٻي ڏينهن تائين زهريلو ٿي ويندو آهي. عذاب بڻيل زندگي جو ڦيٿو اهڙي طرح صبح کان شام تائين ڦرندو رهي ٿو.
ڪچهري ۾ موجود ماڻهن جي وڏي تعداد مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪئي. لينڊ مافيا خلاف شڪايتون، حڪمرانن جي بي حسي، ترقياتي اسيڪمن جي عدم فراهمي، تعليم ۽ صحت جون سهولتون نه هجڻ تي محيط هيون. مان صبح کان شام تائين ڳوٺ ۾ موجود رهيس، هڪ ڏک ۽ محرومي جو ڊگهو سلسلو هو جيڪو مون ڏٺو. مون ڳوٺ وارن سان هڪ واعدو ضرور ڪيو ته آءُ هي ڳاهيون ميڊيا تائين پهچائيندس، حڪمرانن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، باقي هن سڄي مرض جو علاج صرف ڳوٺ وارن وٽ آهي. جيڪڏهن هو متحد ٿي وڃن، باشعور ٿي وڃن ۽ همٿ ڪن ته اهو وقت پري ناهي جڏهن انهن جي ڳوٺ ۾ پاڻي پهچندو ۽ ماڻهو موت کان ابتر زندگي ۾ به جيئن جا رستا ڳولي سگهندا.