مختصر خبرون
پوليس اهلڪارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو، صحافين اڳيان دانھن
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٽنڊومستي پوليس ايف آءِ آر ۾ پنهنجي پٽي ڀائي پوليس اهلڪارن کي گرفتار نه ٿي ڪري. جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سخت احتجاج ڪندس. تفصيل موجب ٽنڊومستي جي رهواسي شاهه بخش چانڊيو پريس ڪلب خيرپور ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيوته ٽنڊومستي پوليس منهنجي ايف آءِ آر جي جوابدارن ايس ايڇ او منور سومرو، ايس ايڇ او ربنواز سيال، جمعدار مهتاب عباسي، جمعدار دين محمد ٿيٻو، سپاهي غلام عباس مهر ۽ ٻارنهن اڻسڃاتل جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ٿي ڪري. هن چيوته ڄاڻايل پوليس اهلڪارن منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري اٽڪل پنجن لکن کان وڌيڪ رقم جو گهر مان سامان کڻي گهر کي باهه ڏئي ساڙيو هو. جنهن جي مان ڪورٽ جي حڪم تي ٽنڊومستي ٿاڻي تي ڄاڻايل اهلڪارن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.