پورهيت اڳواڻ گل محمد بلوچ جي پهرين ورسي ملهائي وئي
شهدادڪوٽ ۾ پورهيتن جي حقن لاء سموري زندگي جاکوڙ ڪري سندن مسئلا حل ڪرائيندڙ پورهيت اڳواڻ گل محمد بلوچ جي پهرين ورسي ملهائي وئي ، ٽريڊ يونين مزدور فيڊريشن پاران ڳوٺ ماڇي خان ۾ رٿيل ورسي تقريب کي خطاب ڪندي صوفي عبدالخالق بلوچ ، محمد هارون سومري ، اسحاق مغيري ، خان سيلري ، غفارپندراڻي ، سڪندر سيلري ۽ ٻين چيو ته باباء پورهيت گل محمد بلوچ زندگي جي آخري گھڙي تائين پورهيت ۽ غريب طبقي جي ماڻهن لاء جدوجھد جاري رکي سندن مسئلا حل ڪرايا هنن چيو ته هُو سندن ڪيل خدمتن تي فخر ڪن ٿا ، سندن چوڻ هو ته گل محمد بلوچ جي نظريي موجب هُو پورهيت جي ڳاڙهي جھنڊي هيٺ پورهيت انقلاب تائين جدوجھد جاري رکندا ، ان موقعي تي مرحوم پورهيت اڳواڻ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاء قرآن خواني ڪئي وئي ۽ خاص دعائون پڻ گھريون ويون ورسي تقريب ۾ شهر جي مختلف سياسي ، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .