مختصر خبرون

ٻن اغواڄاڻايل نارين جي وارثن جو احتجاج

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
پنج ڏينهن اڳ ڪمالديرو ويجهو ڳوٺ اميد علي سولنگي مان اغوا ڄاڻايل ناري مسمات جيندل ۽ سندس ڀيڻ مسمات محراب ملاح واري معاملي ۾ مذڪوره نارين جي وارثن پاران اڄ ٻئي ڏينهن به نارين جي والد سڪندر ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ سوڀ آفيس ڪمالديرو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو پڻ هنيو ويو،ان موقعي تي نارين جي وارثن الزام هڻندي چيو سندن نارين کي زبردستي زنا جي ارادي سان اغوا ڪندڙ لياقت سولنگي ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي جيڪو قتل ڪيس ۾ گرفتار ٿيل هئو ۽ تازو جيل مان ڇٽڻ بعد ساڻن قهري ڪاروائي ڪري ويو آهي ۽ هاڻي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ کين موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي،هنن پوليس جي اعلي اختيارين ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن نارين کي اغوا ڪندڙ سمورن جوابدارن کي ترت گرفتار ڪري کين اغوا ٿيل ناريون واپس ڪرائي مذڪوره ڏوهاري قسم جي ماڻهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سندن چوڻ هو ته اغوا ٿيل مسمال جيندل عرف جيئندي سولنگي شادي شاده آهي ڀر واري ڳوٺ طيب ملاح ۾ ديدار ملاح جي زال آهي جنهن مان کيس 8 مهينن جو حمل پڻ آهي.واضع رهي تي مذڪوره نارين جي پيءُ سڪندر ملاح پاران حد جي ڪمالديرو ٿاڻي تي مذڪوره نارين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائيندي ان ۾ موقف ڄاڻايو هو ته چار ڏينهن اڳ 7 هٿياربندن سندس گهر تي هلان ڪري سندس 2 نياڻين کي زنا جي ارادي سان اغوا ڪيو آهي جنهن ۾ لياقت سولنگي،سندس ٻن ڀائرن صفر،عبدالستار ۽ هڪ عزيز حاجي ارباب ۽ ان جي پٽ آفتاب سولنگي ۽ ٻن اڻ سڃاتلن سميت 7 ڄڻن کي جوابدار ڄاڻايو ويو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button