وڏي وزير حضرت سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي 191سالياني عرس جو افتتاح ڪيو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه درازا شريف ۾ حضرت سچل سرمست رح جي مزار تي چادر چاڙهي 191سالياني عرس جو افتتاح ڪيو. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير محفل سماع هال ۾ سچل ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حضرت سچل سرمست جون صوفي ازم جي لاءِ ڪاوشون ۽ خدمتون آهن جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو سندس مزار تي اچي سلامي ڀرن ٿا. هن چيو ته سچل سرمست عشقِ الاهي ۾ مشغول رهڻ سان گڏ انسانيت جي بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون. جئين ته دنيا هن وقت مذهبي، سماجي، معاشي ۽ سياسي لحاظ سان ورهايل آهي پر سنڌ جي ٻين صوفي بزرگن ۽ شاعرن سان گڏو گڏ حضرت سچل سرمست محبت، اخوت ، ڀائيچاري، اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏنو انهي ساڳي جذبي کي مد نطر رکي سنڌ حڪومت عوام جي بهتري لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته درگاهن جي خدمت ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ قلندر شهباز رح جو نئون مقبرو تعمير ڪيو پيو وڃي ۽ ڀٽائي توڙي سچل جي درگاهه تي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن ته جيئن سنڌ جي صوفي درگاهن تي زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ٿي سگهن. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن جو پيغام عام ٿيندو. وڏي وزير چيو ته سنڌ جي صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ ڀٽ شاهه تي صوفي يونيورسٽي قائم ڪئي پئي وڃي. وزير اعلى حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه جي پسگردائي ۾ قبضن جي نشاندهي تي ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ کي سچل جي درگاهه ويجهو پوليس آئوٽ پوسٽ قائم ڪرڻ جو هدايتون جاري ڪيون ته جئين درگاهه تي زائرين کي ڪا به تڪليف نه پهچي. وڏي وزير آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدرن کي سچل مائينر جي حوالي سان ضروري ڪاغذي ڪاروائي لاءِ حڪم جاري ڪيا ۽ اسڪارپ کاتي جي عملدارن کي ناڪاره ٽيوب ويلن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي درگاهه جي سجاده نشين ڊاڪٽر سخي قبول محمد فاروقي چيوته مان پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ مان نه اچان پيو ته مونکي سنڌ جي وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو ۽ ڊي سي خيرپور منٿون ڪري پروگرام ۾ شرڪت ڪرائي. هن چيوته مونکي افسوس آهي جو سچل سرمست جي درگاهه جي پراپرٽي تي ماڻهن قبضا ڪيا آهن ۽ مان ان لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ان باوجود اهي قبضا ختم نه ڪرايا ويا. جڏهن ته جيڪي زائرين اچن ٿا ڏوهاري ماڻهو انهن کان ڦرلٽ ڪن ٿا. انهن کان گاڏيون ۽ پئسا ڦر ڪن ٿا انهن جي تحفظ لاءِ انتظاميه ڪوبه بندوبست نه ڪري سگهي آهي. مان سنڌ جي وڏي وزير کي ٻيهر اپيل ڪندس ته درگاهه جي پراپرٽي تان قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ زائرين جي تحفظ جو بندوبست ڪيو وڃي. ان موقعي تي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ وڏي وزير کي اوقاف کاتي جي حوالي سان ڪجهه مسئلن متعلق ڄاڻ ڏني ۽ چيوته درگاهن تي ڏوهاري سرگرميون عروج تي آهن ۽ اها شرم جي ڳالهه آهي ته درگاهون جتي ماڻهو سڪون حاصل ڪرڻ ايندا آهن اتي ڏوهاري ماڻهن جو ڪنٽرول آهي ۽ درگاهن تي ايندڙ ماڻهن کي پريشان ڪري رهيا آهن ۽ انهن کان ڏوهاري ماڻهو سواري کسي وڃن ٿا. انهن جي تحفظ جو ڪوبه بندوبست ناهي جنهن لاءِ سنڌ جي وڏي وزير کي درگاهن تي امن امان جي مسئلي تي ڌيان ڏئي امن امان بحال ڪرائڻ گهرجي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور جي چيئرمين محمد عباس بلوچ موجوده حڪومت پاران گذريل ساڍن چئن سالن ۾ حضرت سچل سرمست رح جي درگاهه تي ترقياتي ڪمن جو ذڪر ڪندي چيو ته موجوده حڪومت پاران درگاهه تي رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جن ۾ درگاهه ۽ مسجد جو مرمتي ڪم، محفل سماع هال جي تعمير، ٻن وڏن گيٽن جي تعمير، سچل سرمست ڪامپليڪس ۽ سرمست ريسٽ هائوس جي تعمير شامل آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير کان درگاهه جي احاطي ۾ سچل يادگار پارڪ جي تعمير، اوقاف ريسٽ هائوس، سگهڙ هال جي مرمتي ڪم ڪرائڻ ۽ سولر انرجي لائيٽس جي فراهمي لاءِ گرانٽ جي لاءِ گهر ڪئي ته جيئن زائرين کي وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ٿي سگهن. ان موقعي تي ايم پي اي نعيم احمد کرل، ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو، وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، پرائيويٽ سيڪريٽري مظهر علي، اسپيشل اسسٽنٽ حاجي امتياز ملاح، ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر رفيق احمد ٻرڙو، سچل سرمست يادگار ڪاميٽي جا ميمبر لعل بخش منگي، قربان منگي، نانڪ رام، الطاف آثيم، خان محمد خان، امر اقبال ۽ ٻين وڏي انگ ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي پاران شايع ڪيل “سرمست 33 ۽ سچل سووينئر 23“ ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل “ سچل سائين جو رسالو” جي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران مهورت ڪئي وئي. جڏهن ته هن سال سچل ايوارڊ جي مختلف شعبن ۾ بهترين مقاله نگار لاءِ الطاف آثيم، سچل سرمست تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ تي ڊاڪٽر مخمور بُخاري، بهتري شاعر لاءِ سجاد ميراڻي، بهترين سُگهڙ لاءِ مير محمد چنو، بهترين گلوڪاره لاءِ شهنيلا علي ۽ ٻين کي سچل ايوارڊ 2012 ڏنا ويا جڏهن ته لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ مشهور ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل، اعلي اڪبر درازي، محمد صادق راڻيپوري، لعل محمد منگي، غلام سرور جتوئي، عطا محمد بلوچ ۽ رشيد احمد لاشاري کي ڏنا ويا جن جا ايوارڊ سندن پوئنرن حاصل ڪيا. بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سچل جي درگاهه ويجهو سچل ڪامپليڪس جو افتتاح پڻ ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سچل سرمست دگاهه جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيوته سنڌ جي هندن سان ڪرمنل ماڻهو زيادتيون ڪري رهيا آهن. جنهن لاءِ مان ضلعي جي هر ايس ايس پي کي هدايتون ڪيون آهن ته هندن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڇاڪاڻ تي پيپلزپارٽي حڪومت هندن جي فلاح بهبود لاءِ پروگرام جوڙيا آهن ۽ کين هر طرح سان تحفظ ڏنو ويندو ۽ هندن سان زيادتيون ڪندڙ ڪرمنل ماڻهن خلاف سخت قدم کنيو ويندو. هن سوال جي جواب ۾ چيوته مڪاني نظام بابت پيرصاحب پاڳاري جون ڪي به تجويزون مون وٽ نه پهتيون آهن ۽ سنڌ جون سموريون جماعتون حڪومت جون اتحادي آهن سواءِ مهر گروپ جي. هن چيوته سنڌ ۾ ڪيترا به اتحاد ڇونه ٺهن پر پيپلزپارٽي جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيوته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ لينڊ مافيا ۽ ڪرمنل ماڻهن جا هٿ ملوث آهن جن خلاف سخت نوٽيس ورتو ويندو ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو مڪمل خاتمو پڻ آندو ويندو. هن چيوته نواز ليگ ٻين صوبن وانگر پنجاب ۾ به ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ نواز ليگ ڪجهه ضلعن تائين محدود هوندي.