نيشنل پيپلز پارٽي اينڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، نثار احمد جتوئي
سکر(بيورورپورٽ) سکر نيشنل پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جو صدر نثار احمد جتوئي چيو آهي ته نيشنل پيپلز پارٽي اينڙ چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي ۽ اتحادين سان گڏجي چونڊن ۾ وڌيڪ اڪثريت ماڻي مخالفن کي شڪست ڏئي فاش ڪري ڇڏينداسون اهڙن خيالن جو اظهار صالح پٽ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته نيشنل پيپلز پارٽي وٽ عوامي منشور آهي ۽ اسان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتا آهيون ۽ نيشنل پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي هن چيو ته اندرون سنڌ ۾ نيشنل پيپلز پارٽي کي فعال ۽ مضبوط ڪندس نيشنل پيپلز پارٽي هميشه غريبن جي آواز کي اسميلي ۾ بلند ڪيو آهي ۽ غريبن هارين ۽ مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ نيشنل پيپلز پارٽي پنهنجي اتحادين سان گڏجي ڀرپور حصو وٺندي ۽ سنڌ جي هرتڪ تي اميدوار بيهاريا ويندا ۽ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي هن چيو ته نشنل پيپلز پارٽي جو چيئر مين غلام مرتضيٰ جتوئي جلد سنڌ جو طوفاني دورو ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪرچ ۾ عوام ميڙن ۽ جلسن کي خطاب ڪندو جنهن ۽ سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون نيشنل پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪنديون هن چيو ته نيشنل پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جنهن وٽ عوامي منشور آهي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جائي نمائنده عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.