ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو
شهدادڪوٽ ۾ نبي بخش بروهي پاڙي کان صوبائي وزير اياز سومري جي گھر تائين ٺهندڙ روڊن جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، احتجاج ڪندڙن منصور بروهي ، عبدالنبي سولنگي ، طالب هاڙهو ، جاويد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٺيڪيدار بااثر ماڻهن جي سرپرستي ۽ روڊس کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سبب نبي بخش بروهي پاڙي کان صوبائي وزير اياز سومري جي گھر تائين هلندڙ روڊ جي ڪم ۾ انتهائي ناقص مٽيريل استعمال ڪري رهيو آهي ، ٺيڪيدار مٽيء تي مٿاڇرا پٿر ۽ معمولي ڏامر هاري ناقص ڪم ڪرائي رهيو آهي ، جيڪو روڊ هلندڙ ڪم دوران اکڙي رهيو آهي ، هنن چيو ته ڪيترا ڀيرا ان سلسلي ۾ احتجاج ڪيو ويو پر عملدارن جي ملي ڀڳت ۽ بااثر ماڻهن جي پٺ ڀرائي سبب ٺيڪيدار خلاف ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي وئي ، هنن ايم اين اي فريال ٽالپر ، صوبائي وزير مير نادر مگسي کان مطالبو ڪيو آهي ته ڄاڻايل روڊ جي ڪم ۾ حد درجي جي ڪرپشن ڪندڙ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري هلندڙ روڊ جو ڪم بهتر نموني ڪرايو وڃي ، هنن تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت احتجاج جو چتاء ڏنو آهي .