سکر

مڙس مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪياپيا وڃن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، مهوش

Newly converted to islam girlسکر(بيورورپورٽ) جيڪب باد جي رهائشي هنڌو نوجوان ڇوڪري منيشا کي سخت سيڪورٽيءَ جي پهري هيٺ سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ پيش ڪيو ويو، ناري عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته اسلام کان متاثر ٿي ڪري مسلمان ٿي ڪري شادي ڪئي آهي منهنجي مڙس تي والدين ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن تحفظ فراهم ڪيو وڃي ايس ايس پي سکر ۽ جيڪب آباد پيش نه ٿيا. خبر موجب خميس جي ڏينهن جيڪب آباد جي رهائشي نوجوان ناري منيشا جيڪا مسلمان ٿي ڪري پنهنجو نالو مهوش رکيو آهي ان کي سخت سيڪورٽيءَ جي پهري هيٺ وڪيل عبدلغني شيخ معرفت داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هائي ڪورٽ سکر بينچ ۾ ٿي جنهن ۾ عدالت پاران گهربل ڌريون پيش ٿيون جتي نوجوان ناري مهوش عدالت آڏو بيان ڏيندي چيو ته مان اسلام کان متاثر ٿي ڪري مسلمان ٿي آهيان ۽ پنهنجي پسندي جي شادي ڪئي آهي منهنجا والدين منهنجي مڙس مرتضيٰ چنه تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن ۽ جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهياآهن تنهنڪري اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي عدالت جيڪب آباد جي انتظاميا کي هدايتون ڏنيون ته جوڙي کي تحفظ فراهم ڪيووڃي ۽ عدالت جوڙي کي گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ان موقعي تي هنڌو برادري ۽ امروٽ شريف جا گادي نشين به عدالت ۾ موجود هئا ۽ عدالت پاران ايس ايس پي سکر ۽ جيڪب آباد کي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي مگر هو عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيا جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهارڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button