مختلف شھرن جا وفد ڪامريڊ غلام رسول سھتو جي حمايت لاءِ خيرپور پھتا
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي ۾ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ بند پيل ٽيوب ويلن خلاف آبادگارن جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري. بک هڙتالي ڪيمپ تي آبادگارن جا وفد ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا وفد بک هڙتالي ڪيمپ تي پهتا. تفصيل موجب خيرپور ضلعي ۾ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ 450 کان وڌيڪ بند پيل ٽيوب ويلن خلاف خيرپور ضلعي جي آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ ڦولباغ خيرپور ۾ آبادگارن جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. جڏهن ته بک هڙتالي آبادگارن جي حمايت ۾ سوڀوديرو، سڳيون، هنگورجا، فيض گنج ۽ ٻين شهرن کان آبادگارن جا وفد پهتا. جڏهن ته سکر جاڳرتا فورم جو وفد غلام رسول گهرو ۽ ضياء ڀٽي جي اڳواڻي ۾ جڏهن ته شهداد ڪوٽ کان پ پ هاري ڪميٽي اڳواڻ محمد عرس سيلرو، مديجي کان سماجي اڳواڻ سيد عابد شاهه ڪاظمي، سيد انيس الحسن شاهه، امداد علي خان جوڻيجو، اظهر علي جوڻيجو، مختياراحمد جوڻيجو، طاهر حسين لاکو ۽ ٻين بک هڙتالي ڪيمپ تي پهچي بک هڙتالي آبادگارن جي حمايت ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي بک هڙتالي آبادگارن چيوته جيستائين خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ پڇڙي جي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن جي 75000 ايڪڙ زمين کي آباد نه ڪيو ويو ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ بند پيل ٽيوب ويل چالو ڪري 75000 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آباد ڪري ۽ اسڪارپ کاتي طرفان 44 ڪروڙن جي ڪيل غبن جي انڪوائري نه ڪرائي ويندي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهندي. جڏهن ته لڳاتار بک هڙتال جي ڪري بک هڙتالي آبادگارن جو بلڊ پريشر ۽ وزن گهٽجي ويو آهي ۽ بک هڙتالي آبادگار اٿڻ ويهڻ کان لاچار آهن.