مختصر خبرون

قومي شاهراهه تي وزير اعلى جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل ۽ ڪار جو ٽڪر

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) ٽنڊومستي ڀرسان قومي شاهراهه تي وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل ۽ ڪار جو ٽڪر، چئن پوليس اهلڪارن سميت اٺ ڄڻا زخمي. تفصيل موجب ٽنڊومستي ڀرسان قومي شاهراهه تي وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي پروٽوڪول ۾ شامل پوليس موبائل ۽ ڪارجو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪارسوار شاهد علي دايو ۽ سندس زال مسمات عاصمه، نائلا خاتون ۽ ڪار ڊرائيور پرڪاش سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پوليس موبائل ۾ سوار پوليس اهلڪار محمد جمن، محمد پريل، محمد تراب، محمد خالق پڻ سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو آهي. جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button