سکر

سکر ۾ القدس ريلي، مظلوم فلسطيني مسلمانن جي حمايت جو اعلان

Al Quds rally in Sukkur
القدس ريلي جو ڏيک
سکر: هر سال وانگر ڪالهه به سکر ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل ، شيعا ايڪشن ڪاميٽي، اماميه اسٽوڊنٽس فيڊريشن، اصغريه آرگنائيزيشن پاڪستان پاران جمعي جي نماز بعد حيدري مسجد پراڻي سکر کان يوم القدس ريلي ڪڍي ويئي. جيڪا مختلف روڊ، رستن کان ٿيندي سکر پريس ڪلب پهتي، ريليءَ ۾ مرد، عورتن ۽ ٻارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شيعا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته يوم القدس ويجهو اچي باضمير ۽ غيرتمند مسلمانن کي مظلوم فلسطيني عوام جي دفاع ۽ حمايت واري ذميواري ياد ڏياريندو آهي. اسلامي انقلاب ايران جي باني رهبر ڪبير امام خميني هن ڏينهن جو تاريخ ساز اعلان ڪري فلسطين جي مسئلي کي انساني ضميرن جي سطح تائين زندگي عطا ڪئي. غاصب صهيوني حڪومت خلاف اٿندڙ آوازن کي هڪ نقطي تي گڏ ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ اسان هر سال دنيا جي مسلمانن ۾ هن ڏينهن (يوم القدس) کي ڀرپور موٽ ملڻ جو مشاهدو ڪريون ٿا. جيڪي ماڻهو پنهنجي مقبوضه سرزمين تي مظلومانه انداز ۾ جهاد ڪن ٿا. دشمنن جون سختيون برداشت ڪن ٿا. انهن کي جدوجهد ۾ ئي غاصب حڪومت جي خاتمي ۽ فلسطين جي آزادي جي اميد رکي سگهجي ٿي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جا سڀئي مسلمان، مظلوم فلسطيني مسلمانن ۾ اهو احساس پيدا ڪريون ته سموري دنيا جا مسلمان اوهان جي حمايت ۾ متحد آهن. ته پوءِ اسان کي هنن مظاهرن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو آڻڻو پوندو. اسان جي عظيم قائد جيڪو يوم القدس ملهائڻ جو سڏ ڏنو ان جو به اهو ئي هدف ۽ مقصد هيو ته مظلوم فلسطيني مسلمانن جي حمايت ۾ آواز بلند ڪيو وڃي.اسرائيل جا حامي ۽ اتحادي ان ڪوشش ۾ رڌل آهن ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان يوم القدس جي مخالفت ڪئي وڃي ۽ هي ڏينهن ماڻهن جي ذهنن تان لاٿو وڃي. تنهن ڪري اهي دنيا جي حڪومتن تي پاڻ ۽ پنهنجي اتحادين ذريعي زور رکن ٿا ته هن اشو تي نڪرندڙ مظاهرن کي روڪيو وڃي يا غير موثر ڪيو وڃي. جڏهن ته مظلوم مسلمانن جي حمايت ڪرڻ اسلامي حڪومتن جي حڪمرانن جي ذميواري آهي. پر اسان ڏسون ٿا ته اڪثر نام نهاد اسلامي حڪمران هن بين الاقوامي مسئلي کي اهميت نٿا ڏين. يوم القدس ملهائڻ جو اعلان صرف ايران يا امام خميني سان مخصوص ناهي. هي پوري اسلامي دنيا جو ڏينهن آهي. تنهن ڪري دنيا جا سڀئي مسلمان روڊن ۽ رستن تي نڪري مظلوم فلسطيني ڀائرن جي حمايت ۽ دفاع جو اعلان ڪن. غاصب اسرائيل ۽ ان جي سرپرست آمريڪا پاران مسلمانن خلاف رٿيل سازشن کان پنهنجي علائقي جي عوام کي آگاهه ڪن. فلسطين هڪ پراڻو زخم آهي. جيڪو غاصب اسرائيل، مسلمانن جي دل ۾ لڳايو آهي. مسلمانن کي گهرجي ته اهو زخم ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به غفلت جو مظاهرو نه ڪن، فلسطين جي مسئلي کي ڪڏهن به فراموش نه ڪند. آمريڪا ، عالمي سامراج ۽ غاصب اسرائيل خلاف منظم انداز سان پنهنجو آواز بلند ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button