سکر

سي اين جي رڪشا ڊرائيورن جو سوزوڪي ڊرائيورن ۽ اسٽارٽرن خلاف مظاھرو

CNG Rikshaw drivers protesting against Suzuki drivers in Sukkur
سي اين جي رڪشا ڊرائيور احتجاج ڪندي
سکر(بيورورپورٽ) سکر جي سوزوڪي ڊرائيورن ۽ اسٽارٽرن جي ڏاڍائين خلاف سي اين جي رڪشا ڊرائيورن پاران رڪشائون روڊ تي بيهاري سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ايوب، گلزار، ۽ ٻين ڊرائيورن ٻڌايو ته دادو چوڪ سکر تي بيٺل اسٽارٽرن برڪت مهر، ڄام مهر ۽ سوزوڪي ڊرائيورن اتان سواري کڻڻ تي رڪشي ڊرائيورن عابد، بخت ۽ شيروع کي مار ڪٽ ڪندي کين زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اي سيڪشن پوليس بااثر سوزو ڪي اسٽارٽر جي چوڻ تي زخمي ٿيل رڪشاڊرائيورن کي گرفتار ڪري لاڪب ڪيو آهي جيڪا نا انصافي آهي هنن ايس ايس پي سکر ۽ ايس پي ٽريفڪ سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ڪيل رڪشا ڊرائيورن کي آزاد ڪرائڻ سميت ڀتا خور اسٽارٽرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button