آرٽيڪل

سنڌ جي تخت گاھھ ڪراچي ۾ وڌندڙ وحشتون

سامي ميمڻ

Karachi
ڪراچي جو منظر
سمنڊ ڪناري صدين کان آباد سنڌين جي وسندي ڪلاچي پنھنجائپ، پيار، امن ۽ سک جو مرڪز رھي آھي. ھڪ طرف سمنڊ ڪنارو، ٻيڙيون، مھاڻن جون سرگرميون، وڻج واپار تھ ٻي طرف سرسبز ۽ آباد زمينون، مالوند ماڻھو، کيٽ ۽ کرا، ٻاروھي ميھنا برساتي پاڻي سان ٽمٽار نديون ڪلاچي جي سونھن جو سبب رھيون آھن. ميلا ملاکڙا، ثقافتي رنگ، علم ۽ ادب جا ادارا ڪلاچي جي ساڃھھ ۽ سڃاڻپ ھئا، اڄ بھ ديھون، تپا، ڳوٺ، نديون ۽ نالا، ماڳ مڪان ۽ قبرستان انھيءَ حقيقت ۽ سچ جا اھڃاڻ ۽ ثبوت آھن. ڪلاچيءَ جي مٽيءَ مان ڦٽي نڪرندر ڌرتي ڌڻين جي خواب ۽ خيال ۾ ئي نھ ھو تھ سندن سادگي، سچائي، پيار ۽ امن جھڙيون انسانيت واريون عادتون کين وقت جي وھڪرن ۾ لوڙھي اڄ اھڙي ھنڌ آڻي بيھاريندو، جتي سنڌ جي گادي جو مرڪز سڏائيندڙ اڄوڪي شھر ڪراچيءَ ۾ ساڻن اڇوتن جھرو سلوڪ روا رکيو ويندو. ھنن کان اٽڪلن، سازشن، منافقين ذريعي سندن ڪلاچي، مورڙو ۽ سندن اباڻا پڊ کسي کين ڌڪي ٻھراڙين جو طعنو ھڻي ڪنڊائتو ڪيو ويندو.
وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي تھ ڏسو صدين کان رھندڙ مقامي سنڌي ماڻھن کي رڳو 65 سالن جي ٿورڙي عرصي ۾ ڪلاچيءَ کان ڪراچي ۾ تبديل شھر مان مکڻ مان وار جيان ڪڍي سندن حيثيت ۽ سڃاڻپ کي ئي مشڪوڪ ڪيو ويو آھي. منگھو پير کان گھگھر تائين ۽ موئيدان ڪنڊ جھنگ جي جبلن کان ابراھيم حيدري تائين رھندڙ سنڌين جي مالڪي ھڪ طرف سڃاڻپ ئي مسئلو بڻجي وئي آھي. ڪلھوڪيون ساوڪ ڀريل سايون ۽ آباد ٻنيون اڄ ڀڙڀانگ بڻيل آھن، اباڻا کيٽ، کرا ۽ ڳوٺ ليزن ۽ قانون جي ڪوڙڪين جي ور چاڙھي مالڪن کي چور ڪيو ويو آھي، روز سنڌين جي ڳوٺن کي قضا ڄاڻائي ڊاھيو پيو وڃي، مٿن لٺين ۽ گولين جو وسڪارو ڪري کين ائين قتل ڪيو پيو وڃي ڄڻ ھو ھلاڪو ۽ چنگيز خان جو لشڪر ھجن.

اڄ ھندستان سميت ٻاھرين ملڪن ۽ صوبن مان آيل لوڌن ڪراچي کي مختلف لساني علائقن ۾ ورھائي ڇڏيو اھي، جتان سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي لنگھي بھ نٿو سگھجي. ٻولي وارن فسادن کان وٺي اڄوڪن آپگھاتي حملن جو جيڪڏھن ايمانداري سان ڇيد ويھي ڪيو تھ انھن ڪارروائين جو سرو بھ اتان شروع ۽ ڇيڙو بھ اتي ئي ختم ٿئي ٿو.

اڄوڪي قومي ميڊيا ۽ چونڊيل چپ سبيل اسان جا نمائندا سنڌين جي ذلت جو تماسو ڏسي اقتدار بچائڻ لاءِ مصلحت پسندي جو شڪار ٿي ويا آھن. ھتي ھيءَ چوڻي بنھھ سورنھن آنا سچ ثابت ٿي رھي آھي تھ ھڪ سادو ماڻھو ميلو گھمڻ ويو، ميلي ۾ سندس ٽوپي چوري ٿي وئي، ڏاڍو غمگين ۽ پريشان گھر ڏانھن موٽندي رستي ۾ ھن کان ڪنھن پڇيو تھ ميلو ڪيئن ھو، ھن ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو تھ اھو سڄو ميلو منھنجي ٽوپي چورائڻ لاءِ لڳايو ويو ھو.
ھن ڪراچي شھر ۾ پناھيگيرن جي لوڌ ۽ اندرون ملڪ صوبن کان ايندڙ ٽولن جيڪو ميلو مچايو آھي، جيڪو گوڙ ۽ گھمسان اچي ڪيو آھي، ان ۾ ھتان جي اصلوڪن ماڻھن جي مالڪي، سڃاڻپ ۽ سندن تاريخ کي غائب ڪيو ويو آھي، سندن مالڪي جا سمورا ثبوت ختم ڪيا پيا وڃن. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي، وارو ڪم لڳو پيو آھي. اھو سڀ ڪجھھ اڳواٽ سوچيل سمجھيل سازش ۽ رٿابندي تحت ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ ڌاريا، ڌاڙيل، رھزن ۽ وطن دشمن چڱي ريت ڄاڻن ٿا تھ جيڪڏھن ھتان جي اصلوڪن ماڻھن کي چيڀاٽي ھيسائي ماري ماٺ نھ ڪيو ويندو، کين لڏائي ڀڄايو نھ ويندو، سندن سموريون تاريخي مالڪيون ختم نھ ڪيون وينديون، کين قبضا گير چور ۽ ڌاڙيل جاھل قرار ڏئي ھنن خلاف جھان ۾ خواريون نھ اٿاريون وينديون تھ ھي ڌرتي ڌڻي وري جاڳي پوندا، منظم ٿيندو ۽ مالڪي لاءِ اٿي کڙو ٿيندو تھ پوءِ ٺڳيءَ جا ٺاھيل سمورا ٺاھھ ڀورا ڀورا ٿي پوندا، پوءِ مالڪ ليکو ڪندا ۽ سندن سمورا ڪارا اڇا ڇڻي پوندا.

ان دپ ۽ خوف سبب ڦورن ٽولن ڪراچي جي قبضي لاءِ ڪيل رٿابندي تي عمل ڪيو آھي، ان رٿابندي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ کان وٺي سنڌين جو قتلام ڪرڻ، مذھب ۽ سياست جي نالي ۾ بم ۽ آپگھاتي واقعا بھ روز جو معمول بڻجي ويا آھن. ڪلھوڪي ڪراچي پيار ۽ امن بدران اڄ رت ۾ ٻڏل آھي، ورھاڱي کان وٺي ھيستائين ڪراچي سميت سنڌ جي سمورن وڏن شھرن ۽ شاھراھن کي نشانو بڻايو ويو آھي. لياقت علي خان جي ھن قول تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي تھ اسان کي سنڌ جي زمين کپي، ماڻھو نھ کپن. ۽ ھاڻ تھ ان تي عمل ٿي رھيو آھي. ھنن سنڌين خلاف رڻ باري ڏنو ويو آھي، سندن زمينن تي ق بضا ٿي رھيا آھن. بلڊر ۽ سرمائيدار زمينون خريد ڪري سنڌين کي کڏن، کوٻن، رڻن ۽ جھنگن ڏانھن ڌڪي رھيا آھن. خاص طور ڪراچي ۾ پناھھ وٺندڙ پناھيگيرن پنھنجي محسنن سنڌين جو جيڪو حشر ڪيو آھي اھو ڪنھن کان ڳجھو ڪونھي.
1950ع واري ڏھاڪي کان شروع ڪيل لساني ۽ قبضا گير سوچ کي ھٿي ڏياري ھنگاما شروع ڪيا ويا، وچ شھر ۾ آباد سنڌين جا ڳوٺ باھيون ڏئي ساڙيا ويا، سنڌين کي قتل ڪيو ويو ۽ اھڙيون وحشي ڪارروائيون ڪيون ويون جو سنڌي پنھنجا اباڻا پڊ ۽ ڳوٺ خالي ڪري ملير ۽ منگھو پير واري علائقي ڏانھن لڏي ويا ۽ پوءِ آھستي آھستي ھنن سڄي شھر تي دھشت ۽ دٻاءُ وسيلي قبضو ڪري ورتو.
اڄ ھندستان سميت ٻاھرين ملڪن ۽ صوبن مان آيل لوڌن ڪراچي کي مختلف لساني علائقن ۾ ورھائي ڇڏيو اھي، جتان سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپي پائي لنگھي بھ نٿو سگھجي. ٻولي وارن فسادن کان وٺي اڄوڪن آپگھاتي حملن جو جيڪڏھن ايمانداري سان ڇيد ويھي ڪيو تھ انھن ڪارروائين جو سرو بھ اتان شروع ۽ ڇيڙو بھ اتي ئي ختم ٿئي ٿو.
مقصد ڪراچي تي پنھنجي حاڪميت مڙھڻ ۽ ڌرتي ڌڻين کي ڌڪي ڌار ڪرڻ آھي. انھن سمورين سازشن ۽ حملن کي ائين بھ ڪونھي تھ سنڌي ماڻھن مڙسي سان منھن نھ ڏنو آھي، ھو وڙھيا اھن، مئا آھن تھ ماريو بھ اٿن، ڀڳا آھن تھ پڊ بھ خالي ڪرايا اٿن، سرن جو خطرو ھوندي ھو گولين جي منھن ۾ ھلي پنھنجا ڪم اڪلائي رھيا آھن، پر کين اقتداري ھيراڪ ماڻھن، وڏيرن، پيرن مختلف سياسي پارٽين جي نالي ۾ منجھائي ڇڏيو آھي، اھو سلسلو 1970ع کان شروع ٿي اڄ 2012ع تائين بھ جاري آھي.
سنڌي ماڻھن جي ڪلھن تي چڙھي اقتدار جي ايوانن تائين پھچندر اھي وڏيرا پنھنجي عياشين ۽ اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ سنڌي جي طاقت جو سودو ڪري کين رسوا ڪري رھيا آھن. ھو اقتدار ۾ سمورين طاقتن ھوندي بھ دھشتگردن اڳيان گوڏا کوڙيو ويٺا آھن. اھڙي ھالت ۾ سنڌي ڪيڏانھن وڃن، ڪنھن تي اعتبار ڪن. اھڙن مطلب پرست ۽ گيدي اقتداري اڳواڻن سبب سنڌين کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڪراچي کي بتاھھ ڪيو ويو آھي. ھيستائين سنڌين سميت لکين انسانن کي موت جو کاڄ بڻايو ويو آھي، سنڌ جي ليکڪن ۽ ساڃھھ وند ماڻھن پنھنجي لکڻين ۾ انھن قبضا گير دھشتگردن جي ڪيل وحشي ڪارروائين جو پورو رڪارڊ ڪتابي شڪل ۾ سامھون آندو آھي.
اسان رڳو گذريل ڪجهه سالن جي واقعن تي نظر وجھنداسين تھ بھ لڱ ڪانڊارجي ويندا. گذريل سال ملڪ ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ آپگھاتي حملن ڪري 1700 کان وڌيڪ انسانن کي موت جو بک بڻايو ويو، جڏھن تھ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي اپاھج ٿي ويا. ڪراچيءَ ۾ ھنگامن ۽ دھشتگرد ڪاررواين ۾ اڻ ڳڻيا ماڻھو ماريا ويا ۽ اتي ٽريفڪ جي مڇريل ھاٿي 518 ماڻھو ماريا. ھتي ٽريفڪ پوليس ڀتو اوڳاڙي ۾ پوري آھي، پورو ٽريفڪ سسٽم ناڪام آھي، اتي روز ڪيترائي ماڻھو گاڏين ھيٺيان اچي مري وڃن ٿا.
ڪراچي شھر سنڌ جي گادي جو شھر آھي، سنڌين جو شھر آھي، ان تي قبضي ۽ سنڌين خلاف سازش، حملن ۽ کين قتل ڪندڙ قوتن خلاف ھي نئون سال 2012ع سڏي ٿو، اسان سمورن سنڌين کي سنجيده ٿي پنھنجي تخت گاھھ ڪراچي کي بچائڻ لاءِ نئين سگھھ، عوام ۽ ھمٿ سان اڳتي اچڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button