راهوجا ۾ پوليس چونڪي آڏو 3 هٿياربندن دوڪان تان 80 هزار روڪ رقم ڦري فرار
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ راهوجا ۾ پوليس چونڪي آڏو 3 هٿياربندن دوڪان تي چڙهائي ڪري دوڪاندار کي يرغمال بڻائڻ بعد 80 هزار روڪ رقم ڦري فائرنگ ڪندا فرار، شهرين ۽ دوڪاندارن جو بدامني خلاف سکر پيرڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. پيرڳوٺ لڳ راهوجا شهر پوليس چونڪي سامنهون ۾ 3 نامعلوم هٿياربندن دوڪاندار اختر علي ملڪ جي دوڪان تي چڙهائي ڪري کيس هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 80 هزار روڪ، موبائيل فون ڦري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هوڏانهن واقعي خلاف شهرين ۽ دوڪاندارن سکر- پير ڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي اختر ملڪ، عبدالله ملڪ، شير دل، صوبل ملڪ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته راهوجا ۽ آسپاس بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي جڏهن ته پوليس چونڪي سامهون هٿياربند دوڪاندارن کان ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا پر پوليس سندن پيڇو ڪرڻ بجاءِ تماشو ڏسندي رهي جنهنڪري هٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا، شهري آءِ جي سنڌ کان گهر ڪئي ته پوليس جي ڪاهليءَ جو نوٽيس وٺي امن امان بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.