مختصر خبرون

خيرپور : فراڊ جي ايف آءِ آر ۾ گرفتار جوابدار پراسرار نموني فرار

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي تان فراڊ جي ايف آءِ آر ۾ گرفتار جوابدار پراسرار نموني فرار. بي سيڪشن پوليس گرفتار جوابدار کان رشوت وٺي هٿ سان ڀڄايو آهي. فريادي امين الرحمان پٺاڻ جي پريس ڪانفرنس. تفصيل موجب خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي تي چئن ڏينهن کان فراڊ جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار غلام سرور ميراڻي پراسرار نموني لاڪپ مان ڀڄي ويو. جڏهن ته فرار ٿيل جوابدار جي ڪيس جي فريادي امين الرحمان ولد عبدالرحمان پٺاڻ پريس ڪلب خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته جوابدار غلام سرور ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ نوشادعلي ميراڻي مونکان ساڍا نو لک رپين جو فراڊ ڪيو آهي. هو منهنجي شوروم تان ٻه گاڏيون ڪاهي ويا ۽ واپس نه آيا آهن جنهن جي ايف آءِ آر مان بي سيڪشن ٿاڻي جي داخل ڪرائي هئي. پوليس جوابدار غلام سرور ميراڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند ڪيو هو پر گذريل اڄ ڇنڇر ڏينهن مان جڏهن ٿاڻي تي ويس ته جوابدار لاڪپ ۾ نه هو ۽ پوليس ٻڌائڻ کان به انڪار ڪيو جڏهن ته مونکي اتان ڄاڻ ملي آهي ته پوليس جوابدار کان رشوت وٺي کيس هٿ سان ڀڄايو آهي. جڏهن ته رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او بي سيڪشن فون بند ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button