ڪراچي

باھمٿ عورتون گھر ڀاتين کي پالڻ لڳيون

Malir Juma Himayati goth ka ek gareeb khandan sarbrah Jannat bibi k sathملير (رپورٽ سامي ميمڻ) جمعه حمايتي ڳوٺ جي باهمٿ عورتن بيوسي، غربت ۽ مجبورين کي مات ڏئي ڇڏي، پورهيو ڪري گهر ڀاتين کي پالڻ لڳيون، سماج جا ناخدا دنگ رهجي ويا، سماج سڌارڪ، سرڪاري ادارا، چونڊيل نمائندا ۽ سرندي وارن واهر نه ڪئي، مائي سوني حمايتي جون ٽي نياڻيون مستانيون، هڙل ٽن سالن کان معذوري جو شڪار، پٽ نابالغ، سک ۽ خوشيون سالن کان رٺل، خديجه، رخسانه، حليمان، جنت، سڪينه پنهنجي ڀڳل ٽٽل گھرن ۾ موجود حياتين کي بچائڻ ۾ رڌل، ڪيتريون ئي عيدون آيون پر غربت سبب کين خبر ئي نه پئي ته عيد جون خوشيون ڪيئن ملهائبيون آهن، اسان ان ڏينهن به سرندي وارن جا اڱڻ ٻوهاري، ٿانوَ ڌوئي، پاروٿو کاڌو آڻي بکايل ٻچن جو پيٽ ڀرينديون آهيون: (باهمٿ ۽ امداد جي حقدار عورتن جون ڳالهيون): تفصيل موجب ملير ضلعي جي بن قاسم تعلقي ۾ قديم ۽ وڏي سنڌي آبادي جمعه حمايتي ڳوٺ ۾ 10 کان وڌيڪ اهڙيون حوصلي مند ۽ باهمٿ عورتون آهن جيڪي مڙسن جي وفات، معذوري ۽ بيماري باوجود ٻارن سان ڀريل غريباڻي گهرن کي مردن کان وڌيڪ هلائڻ لاءِ ڏينهن رات پورهيو ڪن ٿيون، پر ڪنهن اڳيان هٿ ٽنگي خيرات نه ٿيون گهرن. اهڙين باهمٿ سنڌي عورتن ۽ سندن گهرن ۾ غربت جو حال پڙهندڙن سان اورڻ لاءِ صحافين طرفان جمعه حمايتي ڳوٺ جو دورو ڪري جائزو ورتو ويو. سماجي اڳواڻ وزير حمايتي جي سهڪار ۽ نشاندهي تي هڪ اجڙيل گهر ۾ مائي سوني پنهنجي ٽن ڌيئرن ۽ معذوري ۾ ورتل مڙس سان موجود هئي، سندس ننڍو پٽ اڃا نابالغ آهي، هن گهر ڀاتين جو گذارو ڪيئن ٿئي ٿو جي سوال ۾ چيو ته منهنجو مڙس گذريل ٽن سالن کان هڪ پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي جڏو ٿي ويو آهي ۽ کٽ تي پيو آهي،سندس حاجت، صفائي، کاڌ خوراڪ سموري خدمت ڪريان ٿي، هن چيو ته مڙس گل محمد حمايتي جي ناڪاره ٿي وڃڻ بعد منهنجي ڪلهن تي ٽن ڌيئرن آمنه، شازيه ۽ حاجره جيڪي بدقسمتي سان چريون مستانيون آهن انهن کي ساريان ۽ سنڀاليان ٿي ۽ سڀ کان وڌيڪ ته سندن بکيو پيٽ ڀرڻ لاءِ صبح کان شام تائين ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جي سرندي وارن جي بنگلن ۾ ٿانوَ ڌوئي، ٻوهارو ڪري پورهيو ڪريان ٿي ۽ جيڪو پاروٿو کاڌو ملي ٿو اچي ٻچن کي کارايان ٿي، مزدوري صرف 15 سئو رپيا ماهوار ملي ٿي، جنهن مان ضرورت جون شيون به خريد نٿي ڪري سگهان. هن چيو ته جيستائين همٿ آهي تيستائين ٻين اڳيان هٿ نه ٽگيندس. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سڀني کي منهنجي گهر، مجبوري ۽ بيوسي جي خبر آهي پر ڪو به مدد لاءِ تيار نه آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هجي يا زڪوات، کيس ڪڏهن به نه سنڀاليو ويو آهي. هن چيو ته عيدون اينديون آهن پر کين ڪڏهن به خوشي نصيب نه ٿي آهي. سندس گهر سوڙهي گهٽيءَ جيان اڱڻ ۽ هڪ ٽٽل ڪمري تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ زندگي جي سهولت جي ڪا به شيءِ موجود نه هئي. هن کي ڪهڙي مدد کپي جي سوال تي اکين ۾ لڙڪ آڻيندي هن چيو ته ڪهڙو فائدو! هن ظالم سماج ۾ ماڻهو غربت ۽ بيوسيءَ تان مذاق اڏائين ٿا ۽ ڪو به مدد نٿو ڪري، حڪومت جو رڳو نالو آهي، ان کي مدد جي اپيل ڪرڻ اجائي آهي. ڳوٺ ۾ موجود هڪ ٻئي گهر ۾ جنت بيبي زال علي بخش حمايتي پنهنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ صحافين کي ٻڌايو ته سندس مڙس ڏهه سال ٿيا جو ڪاري سائي سبب فوت ٿي چڪو آهي، کيس ٻه ڌيئرون 15 سالن جي صغريٰ، 11 سالن جي ڪلثوم ۽ هڪ پٽ 8 سالن جو بلاول آهي. هن چيو ته زندگي ايڏي ته ڏکي آهي جو پيٽ ڀرڻ لاءِ الائي ڪيترن سرندي وارن جا دڙڪا ۽ گٿا لفظ ٻڌڻا پون ٿا. هن روئيندي ٻڌايو ته هن غربت کان تنگ اچي پنهنجي هڪ معصوم نياڻي ثنا پنهنجي مائٽ محمد ابراهيم کي پالنا جي نالي ۾ ڏئي ڇڏي. هن چيو ته کيس ٿانوَ ۽ ٻوهاري جي نتيجي ۾ فقط هڪ هزار رپيا ملي ٿو، جنهن مان زندگيءَ جون ٻيون خوشيون ته هڪ طرف پر ٻه ويلا پيٽ ڀري به نٿا کائي سگهون. جنت بيبي پنهنجو گهر ڏيکاريو جيڪو هڪ ڪمري تي ٻڌل هو ۽ ان جي ڇت به اڌ ٺهيل هئي. هن چيو ته گذريل ڪيتري وقت کان منهنجا ٻچا ۽ آءُ بيمار آهيون، پر علاج لاءِ پئسا نه هجڻ سبب ڊاڪٽر ڏانهن نٿا وڃي سگهون. حڪومت جي نمائندن رحم کائي مختلف مهينن ۾ بينظير انڪم سپورٽ جا 5 هزار رپيا ڏنا، جيڪي هاڻ بند ڪيا ويا آهن. هن چيو ته جڏهن به ڪو عيد جو ذڪر ڪندو آهي ته ڏکن جي زخمن تان ڪڙيون لهي پونديون آهن. عيد واري ڏينهن پنهنجن ٻچن کي پنهنجي ڀڳل ٽٽل گهر ۾ قيد ڪري ويهاريندي آهي، متان خرچي ۽ نون ڪپڙن جي گهر ڪن. هن چيو ته سمورين محرومين باوجود فيصلو ڪيو اٿم ته ٻچن لاءِ ڪنهن کان پندس نه، پورهيو ڪري سندن پيٽ پاليندي رهندس. پاسي ۾ ئي رهندڙ هڪ ٻي باهمٿ عورت حليمان زال حسين حمايتي ٻڌايو ته سندس مڙس وفات ڪري ويو آهي، ٽي ننڍا پٽ ۽ ٻه ڌيئرون اٿم ۽ سڄو ڏينهن پورهيو ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندي آهيان. هن چيو ته ڪنهن به سرندي واري اسان جي مدد نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو ڏک ونڊڻ لاءِ لنگهي آيو آهي. هڪ ٻئي گهر ۾ رهندڙ رخسانه زال گل محمد حمايتي حال اوريندي انتهائي ڏک وچان ٻڌايو ته سندس نوجوان مڙس کي گذريل سال گاهه جي ڪـُتر واري دڪان تي اڻڄاتل ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پنهنجي ٻن ڌيئرن 11 سالن جي شمع ۽ ٻن سالن جي صائمه ۽ معصوم پٽ صلاح الدين سان گڏ اڪيلي رهندي آهيان. مائٽ غريب آهن ۽ ڀارن جون شاديون ٿيل آهن، ان ڪري هنن شروعاتي ڏينهن ۾ مدد ڪئي، پر پوءِ آهستي آهستي هٿ ڪڍي ويا. هن وقت ٿانوَ ٻوهارو ڪري پورهيو ڪريان ٿي ۽ جيڪي ٻه رپيا ملن ٿا انهن مان ٻچن جو پيٽ پاليان ٿي. هن چيو ته سندس مدد لاءِ ڪنهن به اداري، چونڊيل نمائندي ۽ سرندي واري رابطو نه ڪيو آهي. هن چيو ته پنهنجي نوجوان مڙس جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ ٻي شادي نه ڪئي اٿم. خواهش اٿم ته پورهيو ڪري ٻچن کي پڙهايان ته من زندگيءَ جا ڏک گهٽجي سگهن. جمعه حمايتي ڳوٺ ۾ غريباڻي گهر ۾ موجود ٻين عورتن خديجه زال حمزو مرحوم، شريفان، سونا، سڪينه ٻڌايو ته جمعه حمايتي ڳوٺ صديون پراڻو ڳوٺ آهي، جتان جا رهواسي غريب پورهيت آهن، ان ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي غريب يتيم ۽ لاوارث عورتون آهن، پر هو پنهنجي محنت، همٿ ۽ پورهئي سان وقت گذاري رهيون آهن. هنن چيو ته انهن غريب عورتن جي گهرن ۾ اڄ به شهيد بينظير ڀٽي جون تصويرون لڳل آهن، ڇاڪاڻ ته هو شهيد سان بي انتها پيار ڪن ٿيون، پر جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي نالي ۾ من پسند ماڻهن ۽ عورتن کي مالي مدد ڪئي وڃي ٿي ته هو ڏک وچان شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير اڳيان بيهي روئي لڙڪ اگهي خاموش ٿيو وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button