شهدادڪوٽ

آبادگار شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قرآن پاڪ کڻي سراپا احتجاج

shahdadkot aabad garn jo pani khot khelaf muzhaero 1شهدادڪوٽ ۾ پتوجا شاخ جا آبادگار شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف قرآن پاڪ کڻي سراپا احتجاج ٿي روڊن تي نڪري اچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، سوين آباد گارن پتوجا شاخ ۾ پاڻي جي سخت اڻاٽ خلاف سراپا احتجاج بڻجي ٽريڪٽر ٽراليون ڀري ڪوٽوموٽو چوڪ تي پهچي پاڪ ڪتاب کڻي پاڻي کوٽ خلاف نعريبازي ڪندي ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي سڪندر هيسباڻي ، علي دوست مگسي ، اعجاز مگسي ، خالد مگسي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته آبپاشي عملدار سندن حصي جو پاڻي پئسن عيوض وڪرو ۽ بااثر ماڻهن کي ڏيئي رهيا آهن ، هنن چيو ته پتوجا شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين ايڪڙن تي پوکيل ٻيجارو سڙي تباه ٿي رهيو آهي ۽ پاڻي نه هئڻ سبب جانور اڃ وگھي مري رهيا آهن ، هنن چيو ته ظلم جي انتها آهي جو عملدار ٻين شاخن کي پاڻي فراهم ڪري رهي آهن پر واري تي به کين پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ۽هنن پتوجا شاخ جا سيف الله مگسي برانچ وٽان دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن ، جنهن ڪري علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي ، هنن قرآن پاڪ تي پتوجا شاخ ۾ پاڻي کوٽ جو نوٽيس وٺي ناانصافي ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪري کين فوري طور پاڻي فراهم ڪرڻ جي گھر ڪئي آهي ، ٻي صورت ۾ هنن سنڌ ۽ بلوچستان مين شاهراه بند ڪرڻ جو چتاء ڏنو آهي ، هوڏانهن سماجي تنظيم عليشا جي اڳواڻن الله بخش بروهي ، عاشق سومري ۽ ٻين پاڻي نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن حمايت ۾ عدالت جي در کڙڪائڻ جو چتاء ڏنو آهي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button