مختصر خبرون

هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف لقمان ڦاٽڪ وٽ احتجاجي مظاهرو

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور جي لقمان واري علائقي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سني تحريڪ پاران لقمان ڦاٽڪ وٽ احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهيون روڊ بلاڪ. تفصيل موجب خيرپور جي لقمان واري علائقي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سني تحريڪ جي سوين ڪارڪنن لقمان ڦاٽڪ وٽ سيپڪو خيرپور خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ سني تحريڪ جي اڳواڻ وحيد شر چيوته سيپڪو انتظاميه رمضان شريف جي مقدس مهيني جو به خيال نه ٿي ڪري ۽ هر روز 14 ڪلاڪن تائين هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري روزيدارن کي تڪليف پهچائي رهي آهي. هنن چيوته اگر رمضان شريف ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ جو آزار ختم نه ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button