ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن به عهدي جو محتاج نه آهي، سيد آصف علي شاھ جيلاني
خيرپور (رپورٽ شڪيل احمد جانوري) مسلم ليگ ن جي صوبائي اڳواڻ پير آف راڻيپور پير سيد آصف علي شاهه جيلاني چيو آهي ته سردار نواب ممتاز علي خان ڀٽو ڪنهن به عهدي جو محتاج نه آهي ۽ عهدا ان جا محتاج هوندا آهن سليم ضياءُ جيڪو بيان ڏنو آهي ته ممتاز علي خان ڀٽو نواز شريف سان رابطو ڪري مان کيس ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هو ممتاز ڀٽو کان معافي وٺي نه ته سليم ضياءُ هٽايو تحريڪ هلائينداسي هن چيو ته ممتاز علي خان ڀٽو جون عوام جي لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن کان به ڳجھون ڪونهن هو قومي هيرو آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ نيشنل فرنٽ ن ليگ ۾ ان جي ڪري زم نه ٿي هئي ته ن ليگ جا اڳوان ممتاز علي خان ڀٽو خلاف ڳالهائين هن چيو ته مسلم ليگ ن جي نئين باڊي ٺاهي وڃي هن وڌيڪ چيو ته سليم ضياءَ اڳمي غوث علي شاهه سان جھيڙو ڪيو هو فرنٽ مسلم ليگ ن ۾ زم ٿيڻ کان پوءِ ان سان ٺهي ويو آهي هاڻي وري ممتاز ڀٽو خلاف ڳالهائي رهيو آهي تنهنڪري سليم ضياءَ جا سڄي سنڌ ۾ رستا روڪ ڪئي ويندي.