خيرپور

عورتن کي معاشي طور تي سگهارو بڻايو وڃي ، وڏو وزير

8. cm srso STALLSخيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جو عزم آهي ته عورتن کي معاشي طور تي سگهارو بڻايو وڃي ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت 70 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين 7 هزار غريب عورتن ۾ تقسيم ڪري چُڪي آهي. هُن اهڙو اظهار سنڌ رورل سپورٽ آرگنائزيشن (سرسو) پاران خيرپور، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ضلعن جي ڳوٺاڻين تنظيمن جي عورتن جي هڪ ڪنويشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزير اعلى چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي زماني ۾ سرڪاري زمينون غريب مرد هارين کي “ جيڪو کيڙي سو کائي” اصول تحت ڏنيون وينديون هيون جڏهن ته تسلسل کي برقرار رکندي موجوده حڪومت سرڪاري زمين جيڪا آباد ٿي سگهي ٿي اها صرف ۽ صرف غريب عورت هارين کي ڏني وئي آهي. هن چيو ته صرف خيرپور ضلعي ۾ تقريبن 15 هزار ايڪڙ سرڪاري زرعي زمين 850 غريب عورتن ۾ تقسيم ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ چئن ايڪڙن جي حساب سان هر هاري عورت کي مفت ٻج ۽ زرعي ڀاڻ پڻ سنڌ حڪومت پاران ڏنو ويو آهي جنهن سان صوبي جي غريب هاري عورتن جي معاشي حالت بهتر ٿي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو هاري ۽ زميندار کي گڏ ويهاريو ۽ هاري کي وڌيڪ فائدا وٺي ڏنا جڏهن ته موجوده حڪومت پاران صدرِ پاڪستان آصف علي خان زرداري جي هدايتن تحت عورتن جي معاشي بهتري ۽ غربت گهٽائڻ جي لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا ويا آهن. جن ۾ مسڪين عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت يونين ڪائونسل سطح تائين جي غربت گهٽايو پروگرم ذريعي هر عورت کي ماهوار هڪ هزار روپيه ڏنا پيا وڃن ان سلسلي ۾ صوبي اندر 10 لک غريب عورتن کي فائدو رسي رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت پاران صوبي اندر هزارين ڳوٺن ۾ بجلي ۽ گيس جي فراهمي ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ ڳوٺن کي پڻ گيس ۽ بجلي جي فراهمي ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿياسون ته صوبي جي ڪچي جي علائقن ۾ پيل سرڪاري ۽ ٻيلي کاتي جي زرعي زمين کي پڻ 25 ، 25 ايڪڙ جي حساب سان غريب بي زمين هارين ۾ تقسيم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل سطح تي غربت جي گهٽائڻ واري پروگرام تحت گذريل سال هڪ ارب روپيه خرچ ڪيا ويا جڏهن ته هن سال وڌيڪ هڪ ارب روپيه پڻ غربت جي خاتمي جي لاءِ رکيا ويا آهن. وزير اعلى يقين ڏياريو ته غريب عوام کي ڪنهن به حالت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو جڏهن ته کين هر حالت ۾ خدمت ڪندا رهندا سين. ان موقعي تي سرسو جي چيف ايگزيڪيٽوِ آفيسر ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي سرسو متعلق مختلف پروگرامن جا مقصد، مول متا ۽ هن وقت تائين ڪيل خدمتن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته صوبي اندر پنجن ضلعن جي 140 يونين ڪائونسل ۾ غربت گهٽايو پروگرام هلي رهيو آهي جنهن ۾ 6081 ڳوٺاڻين تنظيمن ۾ 18374 پاڙي ۽ محلي وارين تنظيمن ۾ 3 لک 16 هزار 823 گهراڻن کي منظم ڪيو ويو آهي. جن مان غريب ترين 7401 گهراڻن کي مالي امداد ۽ 92177 گهراڻن کي بغير وياج وارو قرض اٽڪل ڏيڍ ارب روپيه ڏنو ويو آهي جيڪو هلڪي سطح جي ڪاروباري سرگرمين ۾ سرگردان آهن. ان کانسواءِ 803 ڳوٺن جي بي گهر ماڻهن جي لاءِ 5612 گهر تعمير ڪرايا ويا آهن. ان سان گڏو گڏ ٻوڏ متاثر ڳوٺن جي بحالي لاءِ 43 ڳوٺن جي 7 هزار غريب گهراڻن کي گهر پڻ تعمير ڪرائي ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جا نلڪا ۽ فرش بندي جون اسڪيمون پڻ ڏنيون ويون آهن. ان موقعي تي فائدو حاصل ڪندڙ مختلف ڳوٺن جي عورتن پڻ پنهنجي ڪامياب ڪوششن جي حوالي سنڌ جي وڏي سيد قائم علي شاهه کي آگاهي ڏني. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سرسو پاران لڳايل مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو ۽ تقريب کان بعد ۾ وڏي وزير غريب بي زمين عورت هارين ۾ کين سرڪاري زمينن جون سندون ڏنيون ۽ ٻين مختلف غريب عورتن ۾ وڇيريون پڻ ورهايون. جڏهن ته عورت تنظيمن جي ڪنوينشن ۾ صوبي جي چئن ضلعن جي 7 هزار عورتن شرڪت ڪئي. هن ڪنوينشن ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو، ڊي آءِ جي سکر ڊاڪٽر امير احمد شيخ، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ، پيپلز پارٽي جي مختلف اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button