مختصر خبرون

آبادگارن جا مطالبا پورا ٿين مان بک هڙتال ختم ڪندس، ڪامريڊ غلام رسول سھتو

خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري، بک هڙتالي آبادگارن سان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ايم پي اي نعيم کرل جي اڳواڻي ۾ وفد موڪليو ته سنڌ جو وڏو وزير توهان وٽ اچي ٿو. ان جي اچڻ تي توهان بک هڙتال ختم ڪجو. بک هڙتالي آبادگارن وڏي وزير طرفان موڪليل وفد کي چيوته پهريان ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو پوءِ بک هڙتال ختم ڪنداسين. جنهن بعد وڏي وزير طرفان موڪليل وفد واپس ٿي ويو. تفصيل موجب خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي اڳواڻي ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پنهنجو وفد ايم پي اي نعيم کرل، وڏي وزير جي پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو، ڊي سي خيرپور محمد عباس بلوچ ۽ چيف انجنيئر سکر بک هڙتالي آبادگارن جي ڪيمپ تي پهتا ۽ بک هڙتالي آبادگارن کي چيوته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه توهانجي بک هڙتال ختم ڪرائڻ اچي ٿو ۽ توهان بک هڙتال ختم ڪجو جنهن تي بک هڙتالي آبادگارن جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو کين چيوته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير جو پوليٽيڪل سيڪريٽري نظر محمد ڳاهو هڪ معاهدو ڪري ويو هو ته توهان جا مطالبا منظور ڪيا ويندا ۽ ان کانپوءِ ڊي سي خيرپور به ۽ سيڪريٽري ايريگيشن به آيا هئا ۽ هو لکت ۾ اسانجا مطالبا کڻي ويا هئا. پهريان ان تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صحيح ڪرائي اچوته آبادگارن جا هي مطالبا پورا ڪيا ٿا وڃن ته مان بک هڙتال ختم ڪيان ٿو. جنهن تي ايم پي اي نعيم احمد کرل بک هڙتالي آبادگارن کي چيوته توهان هاڻي ضد کي ڇڏيو، توهانجا سڀ مطالبا جائز آهن ۽ اهي حل ڪيا ويندا ۽ تعلقي سوڀوديرو کي سنڌ جي وڏي وزير هڪ نئين سچل شاخ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن تي ڪامريڊ غلام رسول سهتو کين چيوته تون ايم پي اي آهين ۽ چئن سالن ۾ تو پنهنجي کرل شاخ ۾ پاڻي پهچائي نه سگهيو آهين تون مون سان ڪهڙا واعدا ٿو ڪرين. جنهن بعد وڏي وزير طرفان آيل وفد واپس هليو ويو ۽ جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه بک هڙتالي ڪيمپ تي اچڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته بک هڙتالي آبادگارن جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو چيوته سنڌ جي وڏي وزير جي آيل وفد جي اڳواڻي ڪندڙ ايم پي اي نعيم احمد کرل هڪ طرف ڳالهيون ته ٻئي طرف دٻائي رهيو هو ته توهان بک هڙتال ختم ڪيو. هن چيوته سنڌ جي وڏي وزير تعلقي سوڀوديرو جي آبادگارن لاءِ سچل شاخ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ايريگيشن عملدار پراڻين شاخن ۾ پاڻي نه ٿا پهچائي سگهن ته نئين شاخ ۾ پاڻي ڪٿان ايندو. هنن چيوته اسان وفد کي ٻڌايوته ايترو عرصو گذريو آهي پر اسڪارپ وارن هڪ به ٽيوب ويل چالو نه ڪيو آهي. توهان اسڪارپ ۽ ايريگيشن جا فنڊ هڙپ ڪندڙ ڪامورن آڏو بيوس آهيو يا توهان انهن فنڊن هڙپ ڪرڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهيو. هنن چيوته ايم پي اي نعيم احمد کرل چئن سالن ۾ پاڻي کوٽ خلاف ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف هڪ لفظ نه ڳالهايو آهي ۽ هو اڄ اسانکي دٻائي رهيو آهي. هنن چيوته جيستائين خيرپور ضلعي جي پڇڙي جي شاخن مان پاڻي کوٽ ختم نه ڪئي ويندي ۽ اسڪارپ جا بند پيل ٽيوب ويل چالو نه ڪيا ويندا ته مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ختم نه ڪئي ويندي. هنن چيوته اسان ڪنهن جي به ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون اگر اسانکي گرفتار ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button