ڪراچي

800پرائمري اسڪولن ۽ 300 ايلمينٽري اسڪولن کي مٿن ڪلاسن لاءِ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي،صوبائي وزير تعليم

Pir Mazharul Haqحيدرآباد : سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته 800پرائمري اسڪولن ۽ 300 ايلمينٽري اسڪولن کي مٿن ڪلاسن لاءِ اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن انهن اسڪولن وچ ۾ پيدا ٿيل وڇوٽيءَکي گهٽائي اسڪولن جي شاگردن کي پنهنجي گهر اڳيان تعليم جون سهولتون مهيا ٿي سگهن _ هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت 9 سيڪڙو سيڪنڊري اسڪولن جي ڀيٽ ۾ 91 سيڪڙو پرائمري اسڪول آهن جيڪو سندس موجب پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي ڍانچي جي بنيادي سهولتن ۾ هڪ وڏي وڇوٽي آهي ۽ تعليم تي اثر انداز ٿي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پبلڪ اسڪول لطيف آباد نمبر 2 حيدرآباد ۾ تعليم ۽ خواندگي کاتي پاران يونيسڪو جي سهڪار سان اسڪولن ۾ معياري تعليم، تحفظ ۽ صحت جي مفت سهولتن جي موضوع تي منعقد ڪيل هڪ ڏينهن واري سيمينارجي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چئي _ هن چيو ته پ پ پ جي موجوده حڪومت سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ جديد سکيا جي سهولتن جي فراهمي لاءِ تعليم کاتي جي بجيٽ ۾ هن وقت تائين 300 سيڪڙو واڌارو ڪري چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ جي هر هڪ اسڪول ۾ صحت ۽ صفائي سميت ٻين بنيادن سهولتن جي فراهمي لاءِ هڪ ماسٽر پلان تيار ڪيو ويو آهي.هن چيو ته 18 هين ترميم هيٺ صوبي ۾ 5 کان 16 سالن تائين جي ڄمار جي هر ٻار لاءِ تعليمي مفت ۽ لازمي قرار ڏني وئي آهي جڏهن ته ان ڏس ۾ صوبي اندر به قانونسازي ڪئي پئي وڃي ته جيئن ان تي ان جي اصل روح موجب عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.هن چيو ته ان قانون موجب نه رڳو حڪومت پر والدين به پنهنجن ٻارن کي مفت تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ جا پابند هوندا .هن چيو ته ان قانون جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ٻارن جي والدين کي ڏنڊ يا جيل جي سزا ڀوڳڻي پوندا _ هن چيو ته اڳوڻن آمرن جي حڪومتي دور ۾ تباهه ٿيل تعليمي شعبي جي ٻيهر بهتري ۽ بحالي پ پ پ حڪومت جو وڏو ڪارنامو آهي . غير حاضر رهندڙ استادن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته جنهن قسم جو نقصان تعليم واري شعبي کي ميڊيا ذريعي رسيو آهي اهڙو نقصان ڪنهن ٻئي نه پهچايو آهي _ ڪيل دعويٰ جي وضاحت ڪندي صوبائي وزر پير مظهرالحق چيو ته 353 غير حاضر استادن مان 325 استاد اڃا تائين ميڊيا جي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن _ هن چيو ته ان حوالي سان مون اها هڪ لسٽ پڻ پڌري ڪئي جنهن جي ڪنهن به ترديد نه ڪئي_ هن چيو ته حڪومت اڪيلي سر سمورا حدف حاصل نه ٿي ڪري سگهي جيستائين سموريون لاڳاپيل ڌريون ۽ معاشري جا سڀئي ماڻهو ان حوالي سان ڪردار ادا نٿا ڪن _هن ميڊيا جي سمورن ادارن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي لاڳاپيل ادارن ۾ ڪم ڪندڙ استادن تي زور ڀرين ته اهي پنهنجون خدمتون فقط تعليم واري شعبي تائين محدود ڪن . سيمينار جي مقصدن جي ُحوالي سان پڇيل هڪ سوال تي هن چيو ته اسڪول هيلٿ جي عنوان هيٺ ڪراچي ۾ يونيسڪو پاران هڪ سيمينارمنعقد ڪيو ويو هو جنهن کان متاثر ٿي اسان يونيسڪو سان ان سلسلي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . هن چيو ته هاڻي تعليم کاتي پاران اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته هر اسڪول ۾ صحت ۽ بچاءُ جي معيار کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ٻارڙن کي بهتر تعليم پڻ فراهم ڪئي ويندي .هن چيو ته کيس ان ڳالهه جو اعتراف آهي ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي ايتريقدر جو انهن ۾ بيت الخلا جي سهولت پڻ موجود نه آهي جنهن ڪري خاص طور شاگردياڻين ۽ ماسٽرياڻين کي ڪافي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي _ هن چيو ته حالانڪه اسين سنڌ جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ انهن سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون سال به سال اهڙين سهولتن ۾ واڌارو ڪري رهيا آهيون پر جيئن ته اسانکي هزارين اسڪولن کي منهن ڏيڻو هوندو آهي ان ڪري اهو ڪم هڪ ئي ڌڪ سان نٿو ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت يونيسڪو جي سهڪار سان سنڌ جي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ هڪ ماسٽر پلان ترتيب ڏنو ويو آهي بعد ۾ سيمينار کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته سندس کاتي پاران ريفارم هيلٿ سپورٽ پروگرام شروع ڪيو ويو آهي جيڪو معياري تعليم لاءِ هڪ اهم ذريعو ثابت ٿيندو ۽ ان سان شاگردن کي سندن اسڪولن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ٿي سگهنديون _صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت تعليم جي بهتري جو حوالي سان گهڻو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان ۾ ڪافي ڪاميابيون پڻ حاصل ڪيون آهن پر گهربل نتيجا تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندا جڏهن سڀئي لاڳاپيل ڌريون ۽ معاشرو ان ڪم ۾ هٿ ونڊرائيندو _ هن، ان سلسلي ۾ ماضي جي حوالي سان تعليم جي سرپرستي جي سلسلي ۾ پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن جو حوالو ڏيندي چيو ته تعليم جي شعبي جي جيڪا سرپرسرستي ماضي بعيد ۾ ڪئي وئي اها اڄ نه ٿي رهي آهي .ان کان اڳ سيمينار ۾ اعزاز مهمان طور خطاب ڪندي پاڪستان ۾ يونيسڪو جي نمائندگي ڪندڙ Dr KOZUE Kay Nagata چيو ته 18 هين ترميم جي منظور کان پوءِ بينادي تعليم حاصل ڪرڻ هر پنجن سالن کان 16 سالن تائين جي ٻار جو بنياد حق بڻجي ويو آهي جيڪا هن ملڪ لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت سميت سموريون صوبائي حڪومتون آئين جي آرٽيڪل 25 A تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ ان حوالي سان فنڊز مختص ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلين مان صوبائي ايڪٽ پاس ڪرائڻ لاءِ غور ويچار ڪري رهيون آهن جيڪو هڪ وڏو چيلينج آهي . هن چيو ته سنڌ خاص طور تي ان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صحت ۽ تعليم جي حوالي سان سهولتن جي اڻاٺ آهي _ هڪڙي پاسي سنڌ جي شهري علائقن ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل لکيل آهن ته ٻئي پاسي وري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي اڻ پڙهيل آهي جڏهن ته 78 سيڪڙو عورتون اهڙيون آهن جيڪي لکي پڙهي به نٿيون سگهن ۽ ڪيترائي ٻارڙا پڻ ان ۾ شامل آهن . هن چيو ته يونيسڪو واحد ادارو آهي جيڪو دنيا ۾ اسڪول هيلٿ پروگرام جي عنوان تحت اثرائتو ڪم ڪري رهيو آهي .هن چيوته يونيسڪو گڏيل قومن جي ٻين ايجنسين جي سهڪار سان تعليمي ادارن ۾ صحت جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صوبائي اسپيشل سيڪريٽري تعليم رياض ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو _ بعد ۾ سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾ منعقد ڪيل هڪ ٻي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي هن، مڊل ۽ پرائمري اسڪول جي پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ چيڪ ۽ انعام ورهايا جڏهن ته هن، صلاحيت مند ۽ مستحق شآگردن ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ پڻ ورهايا_ ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ پ جي موجوده حڪومت نوجوان صلاحيت مندن جي حوصلاافزائي ڪري رهي آهي ۽ کين تعليم حاصل ڪرڻ جي حوالي سان سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪيون وينديون .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button