پير جو ڳوٺ

7 ٻارڙن جي ماءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سان قتل

رپورٽ: اصغر ملاح،پير جو ڳوٺ
Karo Kariپيرڳوٺ لڳ جوابدار پٽن سان گڏجي 7 ٻارڙن جي ماءُ کي ڪارنهن الزام هيٺ بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرار، ڪيس داخل نه ٿيو، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ گهوگهي مڱڻيجا ۾ جوابدار علي در مڱڻيجو پنهنجي ڀٽن آصف مڱڻيجو ۽ انور مڱڻيجو سان گڏجي رات جي پوئين پهر ۾ گهر اندر ننڊ ستل پنهنجي ڀاڄائي 7 ٻارڙن جي ماءُ مسمات شمشاد عرف ڪاڪي زال خان محمد مڱڻيجو کي پسٽل جا فائر ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته جوابدار پنهنجي پٽن سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، هوڏانهن اطلاع تي ايس او پيرڳوٺ رضوان ناريجو پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش پيرڳوٺ اسپتال آڻي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، هوڏانهن واقعي سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، واقعي بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل ڏينهن ( جمعي ڏينهن) اڳ جوابدار علي در مڱڻيجو مقتول ڀاڄائي تي پيرڳوٺ لڳ گرڊ اسٽيشن پاڙي جي رهواسي شير محمد ڪانهر سان ڪارنهن جو الزام مڙهيو هيو جنهن بعد هن رات جو گهر اندر ننڊ ستل پنهنجي ڀاڄائي مسمات شمشاد عرف ڪاڪي مڱڻيجو کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته مقتول عورت جي مڙس صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته منهنجي ڀاءُ بيگناهه منهنجي زال کي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي کيس قتل ڪري مونسان وڏو ظلم ۽ ناحق ڪيو آهي جنهن خلاف سخت ڪاراوئي ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف واقعي بابت علائقي ۾ اهي به چوٻول آهن ته جوابدار علي در مڱڻيجو پنهنجي مقتول ڀاڄاڻي کان پٽ جي لاءِ ڌيءُ جو سڱ گهريو هو انڪار ڪرڻ تي هن ڀاڄائي مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button