ڪنڊيارو

20 سالن کان پاڻي جي بندش خلاف مظاھرو

اياز عباسي ،ڪنڊيارو
Kandiaro PIcڪنڊيارو تعلقي جي گل مائينر جي سوين آبادگارن پاران گذريل 20 سالن کان وڌيڪ عرصو پاڻي بند هجڻ واري عمل خلاف متاثر آبادگار محمد بخش گهانگهرو،سڪندر سهتو،ڊاڪٽر ماجد سهتو،نبي بخش شاهه،صاحب خان گهانگهرو،امين چانڊيو،مشتاق گهانگهرو،امير بخش وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سراپا احتجاج ٿيندي رستن تي نڪري آيا ۽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد حيدري هوٽل چونڪ تي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي پڻ ويهي رهيا،جنهن سبب هالاڻي،بهلاڻي،محراب پور،محبت ديرو،خانواهڻ،لاکاروڊ،ٺاروشاهه ۽ درٻيلو طرف ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي آبادگارن الزام هڻندي چيو ته مهڙ جا بااثر آبادگار آبپاشي کاتي جي عملي جي ملي ڀڳت سان گذريل 20 سالن کان گل مائينر جي ايل 6 سينٽر کان ٽيل تائين 13 واٽرن ۾ غيرقانوني ونجهيون،پائيپ ۽ دڪا وغيره وجهي غيرقانوني طور تي سندن پاڻي چوري ڪري رهيا آهن،جنهن ۾ آبپاشي کاتي جو ايس ڊي او ڀورل شاهه،سرويئر عبدالقدير ميمڻ،داروغو عبدالغني خشڪ ۽ بيلدار نذر خشڪ پڻ برابر جا شريڪ آهن جنهن سبب مذڪوره علائقي جا ڳوٺ خان محمد شاهه،رمضان ڏاهري،يارل گهانگهرو،قاسم سهتو،فضل سهتو،جمال گهانگهرو،مهرو ميتلو، ابراهيم ميتلو،يوسف گهانگهرو،امام بخش چانڊيو،محمود چانڊيو،گاجي ملاح،دراني خان گهانگهرو،گل محمد گهانگهرو،ڪرڙ جو ڳوٺ،محمد خان گهانگهرو،دائود گهانگهرو،موريل مڱريو،غلام قادر رند سميت پنجاهه کان وڌيڪ ڳوٺن جا ڏهه هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن،هنن ان موقعي تي چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٽن ڏينهن اندر کين پاڻي مهيا نه ڪيو ويو ته ٽن ڏينهن بعد پهرئين مرحلي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندا،ٻئي مرحلي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪندا ۽ ان هوندي به تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽئين مرحلي ۾ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙيندا. ان کان اڳ مڇريل آبادگارن آبپاشي کاتي جي ايس ڊي او آفيس جو گهيراءُ ڪرڻ پڻ چاهيو پر مذڪوره ايس ڊي او آفيس کي تالو ڏئي کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button