مختصر خبرون

10 ساله درويش صفت نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي

پير جو ڳوٺ (رپورٽر) پيرڳوٺ لڳ 10 ساله درويش صفت نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي، نينگر ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور اسپتال داخل، ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب، پيرڳوٺ لڳ ڪولاب جيئل ۾ 10 ساله نينگر نعمت الله پٽ محمد سليمان ڪانڌڙو سان ٻن جوابدارن مبينا بدفعلي ڪئي آهي ان سلسلي ۾ متاثر نينگر جي پيءُ محمد سليمان ٽنڊومستي پوليس کي ٻڌايو آهي ته جوابدارن ذيشان ۽ سجاد ابڙو منهنجي پٽ کي يرغمال ڪري کجين جي باغ ۾ ڏاڍائي جو شڪار بڻائي بيهوشي واري حالت ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا جنهن کي خيرپور اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button