ڳوٺ محمد سليمان ڀٽ جي رهواسين جو سڳيون جي زميندار ۽ سوڀوديرو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور(رپورٽ شڪيل احمد جانوري) تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ محمد سليمان ڀٽ جي رهواسين ۽ سنڌ واچ فورم پاران سڳيون جي زميندار ۽ سوڀوديرو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب تعلقه سوڀوديرو جي ڳوٺ محمد سليمان ڀٽ جي رهواسين ۽ سنڌ واچ فورم پاران ايس ايس پي خيرپور جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري جي اڳواڻي سنڌ واچ فورم سنڌ جو صدر اشفاق جلباڻي، هاشم سيال ۽ ڳوٺاڻا الفت علي ڀاڳت ۽ الطاف علي ڀاڳت ڪري رهيا هئا. مظاهرين صحافين کي دانهيندي ٻڌايوته گذريل ڏينهن مدد علي پٽ محمد جمن ڀاڳت پنهنجي ڳوٺ کان علائوالدين ڀاڳت ڳوٺ وڃي رهيو هو جڏهن هو ڳوٺ قادرداد مشوري مان وڏيري سردار الطاف خان مشوري جي بنگلي وٽان گذريو ته سردار جا گارڊ بدر مشوري، وزير مشوري ۽ سردار مشوري کيس هٿيارن جي زور تي کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته سندس پويان ايندڙ سندس ڀائرن الطاف علي ۽ سڪندر علي جي دانهن تي ڳوٺاڻا نڪتا ته سردار جا هٿياربند کيس ڇڏي سردار جي بنگلي ۾ هليا ويا ۽ اهڙو اطلاع سوڀوديرو پوليس کي ڏنو پر سوڀوديرو پوليس سردار الطاف مشوري خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي. هنن چيوته جيڪڏهن انصاف نه مليوته سخت احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ پاران آفيس ۾ نه هجڻ جي ڪري مظاهرين واپس هليا ويا.